اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اٽڪ جيل ۾ پٽن سان ٽيلفون تي ڳالهه ٻول ڪرائڻ واري معاملي تي جيل سپرنٽنڊنٽ خاص عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
اٽڪ جيل جي سپرنٽنڊنٽ توهينِ عدالت جي درخواست تي عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ جيل اختيارين پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون ڳالهه ٻول ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جيل سپرنٽنڊنٽ پنهنجي جواب ۾ چيو ته آهي ته جيل قانون اجازت نٿو ڏئي، انڪري ٽيليفونڪ ڳالهه ٻول نٿا ڪرائي سگهون، قانون موجب، سيڪرٽ ايڪٽ جي جوابدارن کي فون جي سهولت ناهي، ٽيليفون بابت عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي.
اٽڪ جيل جي سپرنٽنڊنٽ پنجاب پريزن فائونڊيشن جو خط پڻ عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پريزنز قانون 1978ع موجب قيدين کي ٻاهرين مُلڪ فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي.
خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اٽڪ جيل سپرنٽنڊنٽ جي جواب تي 18 سپٽيمبر تي دليل طلب ڪري ورتا.
You might also like