اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواست ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
اڄ رٽائر ٿيندڙ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ اٺ رڪني لارجر بئنچ درخواست تي اسٽي آرڊر ڏنو هو جنهن کانپوءِ سُپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ 18 سپٽيمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
ذريعن موجب، نئون ايندڙ چيف جسٽس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حلف کڻڻ کانپوءِ بئنچ جوڙيندو ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرايڪٽ تي فل ڪورٽ جوڙڻ جو به امڪان آهي.
ياد رهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف پي ڊي ايم جي حڪومت فل ڪورٽ جوڙڻ جي اسدعا ڪئي هئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو.