اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رٽائرمينٽ کان اڳ بئنچ ۾ آخري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله جا ٿورا مڃيا ٿو جنهن مون کان مُلڪ ۽ انصاف جي خدمت ورتي.
چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال سڀاڻي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو ۽ سندس جاءِ تي سُپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس طور 17 سپٽيمبر تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.
سُپريم ڪورٽ بئنچ ۾ آخري ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال وڪيلن ۽ صحافين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو گڊ ٽو سي يو آل ماءِ فرينڊ.
چيف جسٽس چيو ته ڪارو ڪوٽ پائي اسان پاڻ کي بار جو حصو سمجهندا آهيون، جسٽس ساحر علي چوندو هو ته بار ته اسان جي ماءُ آهي، انشاءَ الله بار روم ۾ ملنداسين.
جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته ميڊيا جي ساٿين جو به ٿورائتو آهيان، ميڊيا جي تنقيد کي ويلڪم ڪيون ٿا.
سندس چوڻ ميڊيا فيصلن تي تنقيد ضرور ڪري پر ججز تي نه ڪري، تنقيد جي جواب ۾ ججز پنهنجو دفاع نٿا ڪري سگهن، جج تي تنقيد کان پهريان اِهو ضرور ڏسو ته سچ تي ٻڌل آهي يا افواهن تي ججز تي تنقيد ڪوڙ جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته الله جو شڪر گذار آهيان جنهن مون کان مُلڪ ۽ انصاف جي خدمت ورتي، الله لاءِ پنهنجو فرض ادا ڪيو.