ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران ڪابينا ڪچي ۾ فوج ۽ رينجرز سان گڏجي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرڻ، هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندڙ گروهه خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ ۽ انٽيليجنس کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تفصيل موجب صوبائي نگران ڪابينا فوج ۽ رينجرز سان گڏجي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرڻ، هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندڙ منظم گروهه خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ ۽ انٽيليجنس کي مضبوط ڪرڻ سميت ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارين کي سائبر ۽ ڊجيٽل سروس نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام لاءِ اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ ڊرگ مافيا خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. ڪابينا جو اجلاس خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيرن، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، پراسيڪيوٽر جنرل ايڊووڪيٽ فياض شاهه، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽرين ۽ وڏي وزير جو خاص مددگار ايڊووڪيٽ جنرل معيز بيگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. امن ۽ امان بابت گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار ڪابينا کي مجموعي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ڪچي جي علائقي ۾ ڀنگ عيوض اغوا، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڊرگ مافيا شامل آهن. ڀنگ لاءِ اغوا 13-2012 جي ڊيٽا شيئر ڪندي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 218 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو جن مان 207 کي بازياب ڪرايو ويو آهي ۽ 11 اڃا تائين ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ آهن. هڪ سوال تي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته موجوده آءِ جي پوليس جڏهن عهدو سنڀاليو ته اغوا جا 57 ڪيس هئا جن مان 46 بازياب ٿيا ۽ باقي 11 ڄڻن جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته 11 مغوين جي بازيابي کانپوءِ جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته مقامي پوليس کي هدايت ڪئي وڃي ته هو اغوا ٿيلن جي خاندانن سان رابطي ۾ رهي ۽ کين پوليس جي ڪوششن کان آگاهه رکيو وڃي.. ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته 4 ضلعن ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ ڌاڙيل محفوظ ۽ ناقابل رسائي وارن هنڌن تي وڏين خندقن ۽ کڏن اندر لڪيل آهن. ڌاڙيلن وٽ ڊگھي رينج وارا فوجي گريڊ ھٿيار آھن جيڪي APCs جي خلاف اثرائتا آھن. چوماسي ۽ خريف جي مند ۾ گھٽ ۽ وچولي ٻوڏ وهندي آهي. ڪچي جي علائقن ۾ 238 ڳوٺ آهن جن جي آبادي 400,000 آهي. سنڌ پوليس 8 پوليس اسٽيشنون ۽ 20 چيڪ پوسٽون قائم ڪيون آهن. آءِ جي پوليس ڪابينا کي ٻڌايو ته هو چئن ضلعن ۾ 390 پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ ۽ پوليس کي جديد هٿيارن ۽ اوزارن سان ليس ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. ڪابينا ڪچي جي علائقي ڌاڙيلن کان صاف ڪرڻ لاءِ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج سان گڏيل آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندڙ منظم گروهه خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو جيڪي ڌاڙيلن کي هٿيار فراهم ڪندا آهن. سائبر ۽ ڊجيٽل ڪنيڪشن کي انهن علائقن مان ڪٽ ڪيو ويندو جتي ڌاڙيلن جون سرگرميون هلن ٿيون. چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ضروري سهڪار ڪيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 2023ع دوران اسٽريٽ ڪرائم جا 12886 ڪيس رجسٽر ٿيا جنهن ۾ 3178 موبائيل ڇنڻ، 93 چئن ڦيٿن جون گاڏيون ڇنڻ، 758 فور ويلر چوري، 2143 ٻه ڦيٿن وارون گاڏيون چوري ۽ 3457 موٽرسائيڪلون چوري ڪيون ويون. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته پوليس گشت وڌائڻ ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. جن ٿاڻن ۾ اسٽريٽ ڪرائم وڌيڪ آهن اتي متحرڪ ۽ موثر پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪري سگهجي ٿو. نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته منشيات ملڪ جي ٻين حصن مان سنڌ ۾ اسمگل ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ لياري ۽ سهراب ڳوٺ جون ڪچيون بستيون منشيات جو مکيه مرڪز بڻيل آهن جڏهن ته منشيات تعليمي ادارن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته منشيات جي بحالي لاءِ 4 فلاحي مرڪز ڪراچي ۾ پوليس جي سهڪار سان ڪم ڪري رهيا آهن جتي 360 منشيات جي عادي ماڻهن کي بحال ڪيو پيو وڃي. آءِ جي پوليس چيو ته 2925 منشيات فروشن کي بحال ڪيو ويو آهي. ڪابينا ڪراچي ڊويزن ۾ پاڪستان رينجرز جي مقرري ۾ 14 سيپٽمبر 2023ع کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان دوران ڪابينا رينجرز کي 6 مهينن لاءِ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندي جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي خط اماڻيو ويندو. ڪابينا ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بورڊ ۾ 8 نون سرڪاري ۽ 6 غير سرڪاري ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڳوڻي ميمبرن ۾ ميئر ڪي ايم سي چيئرمين، لوڪل باڊيز جي 19 گريڊ جي سيڪريٽرين، فنانس، پي اينڊ ڊي، ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊي جي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي جا نمائندا ۽ ڪارپوريشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شامل آهن. غير سرڪاري ميمبرن ۾ وي سي NED ڊاڪٽر سروش لوڌي، ICA اپيلٽ بورڊ جو چيئرمين ظفر اقبال، آئي ٽي ماهر مهوش، بئريسٽر سيد شبير شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر همناز بقائي، تنزيل پيرزادو ۽ ايم ڊي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن قاضي ڪبير شامل آهن .