ڪراچي( م ڊ) سوئي سدرن گيس جي اعلان موجب ڪنڌ پساڪي گيس فيلڊ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آهي، جنهن سبب گئس جي پيداوار ۾ وڏي گهٽتائي سبب محدود وقت تائين سنڌ ۾ گئس جي کوٽ جو خدشو آهي. سوئي سدرن جو چوڻ آهي ته گئس فيلڊ مان ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي گيس جي فراهمي ۾ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي کوٽ آهي. جڏهن ته نعمت بسال گئس فيلڊ ۾ به فني خرابي سبب گئس جي پيداوار ۾ 20 ايم ايم سي ايف ڊي جي گهٽتائي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گيس جي فراهمي ۾ وڏي شارٽ فال سبب سوئي سدرن سسٽم بُري طرح متاثر ٿي رهيو آهي، گيس لوڊ مينيجمينٽ گهريلو صارفين کي اوليت ۾ رکندي ڪئي ويندي.