پ پ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ جي ڊي اي بعد جي يو آءِ به ايم ڪيو ايم سان ملي وئي

ڪراچي(م ڊ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف اتحاد ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. جي يو آءِ جو وفد مولانا راشد محمود سومرو جي سربراهي  ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز پهتو ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جي يو آءِ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي سنڌ جي عوام کي پيپلز پارٽي جي قبضي مان آزاد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فاروق ستار چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ ڪارڊ کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين، جي يو آءِ وٽ ئي ڳوٺاڻن سنڌ ۾ سياسي طاقت آهي، گڏجي ڪري زميندارن ۽ وڏيرن کي سندن دور ياد ڏيارينداسين ۽ پيپلز پارٽي جي نفرت ۽ قومپرستي واري پاليسي کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته هاڻي هو ڳوٺاڻن سنڌ جي عوام مان اها غلط فهمي دور ڪندا ته وٽن متبادل قيادت ناهي، نئون سياسي اتحاد سنڌ جي عوام جي خدمت لاءِ تيار آهي. جي يو آءِ جي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪنهن هڪ قوم لاءِ نه وڙهندا، ڪراچي کان ڪشمير تائين سڀني لاءِ وڙهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.