پيپلزپارٽي ڀوتارن ذريعي سنڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته جاگيرداري ۽ سرداري نظام ظلم، بربريت، دھشتگردي جو ٻيو نالو   آھي، پيپلزپارٽي سرداري ۽ جاگرداري نظام ذريعي سنڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي، پيپلز پارٽي ڌاڙيلن، ڏوھارين، ظالم سرداري ۽ جاگيرداري جي سرپرست آھي، زرداري ٽولو فرسوده ۽ بدبودار سرداري ۽ جاگيرداري نظام ذريعي سنڌ جي اقتدار تي ايندڙ اليڪشن ۾ ٻيھر قابض ٿيڻ چاهي ٿي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور مان روزانو ماڻھو اغوا ٿين ٿا لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ قتل، اغوا، ڌاڙا، ڦرون ۽ ٻيا ڏوھ وڌي ويا آھن، پوليس سردارن ۽ ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي، ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ٻين ضلعن مان ڪيترائي ماڻھو اغوا ٿي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ پوليس جي نااهلي ۽ ناڪامي جي ڪري سنڌ ۾ بدامني ٻيھر وڌي وئي آهي، ماڻهو اغوا ٿي رھيا آھن، قتل جا واقعا وڌي رھيا آھن، اغوائن جي واقعن مان لڳي ٿو ته ھتي قانون نالي ڪا به شئي ناهي، پوليس تماشائي بڻيل آهي، سنڌ پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بدران ڏوھارين جا سرپرست بڻيل آهي، ڪچي ۾ پوليس کان وڌيڪ طاقتور ڌاڙيل آھن جن وٽ جديد ھٿيار آھن. ڌاڙيل پوليس جوانن کي شھيد ڪري رھيا آھن، حڪومت ٻڌائي ته ڌاڙيلن وٽ اھي ھٿيار ڪيئن آيا ڪنھن پھچايا، ڌاڙيلن تائين ھٿيار پھچڻ نگران حڪومتي جي ناڪامي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.