اوستا محمد ڀرسان پلال برادري ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

جيڪب آباد (ڊ ر)بلوچستان جي علائقي ۾ پلال برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل  ڪري ڇڏيو، بلوچستان جي اوسته محمد شھر جي سٽي ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج پل وٽ پلال برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري اوسته محمد شھر جي فردوس ڪالوني جو رھواسي حاجي احمد پلال کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس پھچي مقتول جو لاش سول اسپتال اوستا محمد مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، پوليس موجب پلال برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن پنھنجي گھر موٽرسائيڪل تي ويندڙ حاجي احمد پلال کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آھي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.