جي ٽونٽي جي شاھي انتظامن سبب ھندستان تي تنقيد

جي ٽونٽي ملڪن جي اجلاس دوران ڪيل تيارين تي جڳ مشھرو ليکڪ ۽ انساني حقن جي اڳواڻ ارونڌتي راءِ شديد تنقيد ڪندي شاھي انتظام تي تنقيد ڪئي آھي.ھن جو چوڻ آھي تھ ھندستان ۾ ان پروگرام لاءِ غريبن جي اڪثريت کي دربدر ڪيو ويو آھي.

دنيا جي 20 امير ترين ملڪن اڳواڻن جو ھندستان ۾ ٿيندڙ اجلاس  دهلي ۾ شروع ٿي رهيو آهي ۽ ان موقعي تي  مهمانن لاءِ ڪيل غير معمولي  انتظامن بابت سوشل ميڊيا تي  خاصو بحث ھلي رھيو آھي..اجلاس ۾ بھ  اهم اڳواڻ  روسي صدر ولاديمير پوتن ۽ چيني صدر شي جن پنگ نھ اچي رھيا آھن.پر هندستان پنهنجي تيارين ۾ ڪا گھٽتائي ناھي ڪئي.سڄي شهر کي ڪنوار جيان سينگارڻ لاءِ ڪيل انتظام دوران غريب غربن جا ريڙھا ۽ گاڏا توڻي پڙيون رستن تان ھٽرايون ويون آھن. گل و گلزار ڪيو ويو آھي ۽ هر طرف بل بورڊ ۽  ويهن ملڪن جا رنگين جهنڊا لڳايا ويا آھن.

ساڳئي وقت اھڙي عمل تي ماڻهن ۾ ڪاوڙ بھ پيدا ٿي آھي تھ دهلي جي حقيقي تصوير دنيا کان لڪائي وئي آهي.ڪچين آبادين کي نظرن کان لڪايو ويو آھي.ڀارتي ميڊيا موجب اهڙو سيڪيورٽي انتظام اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو آهي ۽ دهلي ۾ جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي ٽي ڏينھن موڪل ڪئي وئي آھي. آٽو رڪشاجي نئين دهلي داخل ٿيڻ  تي پابندي آهي. بي جي پي اڳواڻن ڀارت منڊپم جي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي ۽ جنھن جو عنوان آھي”مھمان دويوتا ھوندو آھي“.

جي 20 اجلاس ان ئي نئين تعمير ٿيل عمارت ڀارت منڊپم ۾ ٿي رهيو آهي ۽ رات جي وقت ڀارتي صدر دروپدي مرمو طرفان رات جي ماني جو بندوبست آهي. چيو ٿو وڃي تھ مهمانن کي سون ۽ چانديءَ جي ٿانوين  ۾ مختلف هندستاني طعام پيش ڪيا ويندا.مختلف شهرن ۽ هنڌن جي حساب سان ٿانون ان موجب ماني ۽ ان جا بورچي تيار ڪيا ويا آھن.جن مان مختلف رياستن جي ثقافت جا رنگ جھلڪندا.انهن برتنن تي هندستان جي قومي پکين، گلن ۽ جانورن جون تصويرون نقش ڪيون ويون آھن.

فنانشل ايڪسپريس موجب 200 ڪاريگرن ان موقعي تي 15000 ڊشون تيار ڪيون آهن. جيپور جي برتن ٺاهڻ واري ڪمپني چيو آهي ته انهن تي 50,000 ڪلاڪ خرچ ڪيا ويا آهن. ۽ جيپور، ڪرناٽڪ، ويسٽ بنگال، اتر پرديش ۽ هندستان جي ٻين حصن مان هنرمندن کي گهرائي اھو ڪم ورتو ويو.

هاءِ ٽي ۾ هندستان جا اسٽريٽ فوڊ جهڙوڪ دهلي جي چاٽ، ممبئي جي کر، تامل ناڊو جي پنيرام وغيره شامل آهن. اهڙي طرح تاج هوٽل به 12 ڊش گجراتي، راجسٿاني ۽ مهاراشٽرين ٿاليون بھ شامل آهن.مهمانن جي حساب سان تيار ڪيل گهٽ مصالحا دارکاڌا بھ ھوندا.

سوشل ميڊيا تي ھندستاني  ميزباني ۽ تيارين جي واکاڻ ۽ ان عمل تي تنقيد بھ جاري آھي. هڪ غريب ملڪ ڪنهن کي چانديءَ جي پليٽ ۾ ماني کارائي مهمان نوازي جو ڪهڙو معيار قائم ڪيو پيو وڃي؟ڪيترن ئي صارفين بک ۾ پاھھ ٻارن جي تصويرن سان سون ۽ چاندي جي پليٽن ۾ مهمانن جي خدمت جو ذڪر ڪيو آهي.

صحافي رفعت جاويد لکيو آهي ته ” ملڪ جي 80 ڪروڙ آبادي پنج ڪلو مفت جي  اناج تي زندهه آهي.انتهائي غربت آھي، پر مودي حڪومت جي ترجيح G20 جي نمائندن کي سون ۽ چاندي جي ٿانون ۾ کاڌو پيش ڪرڻ آهي.”

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.