اشرافيا ڪلاس ۽ ٽيڪنوڪريٽ سرڪار

تحرير: رياض ابڙو 

ان ڳالهه  کان انڪار ناهي ته پيٽرول جون قيمتون سڄي دنيا ۾ وڌن ٿيون ته اسان وٽ به وڌن، وڌي سگهن ٿيون پر اها به حقيقت اتي انهن ملڪن ۾ انهن جي ڪرنسي ايتري ته اسٽيبل هوندي آهي جو انهن ماڻهن ۽ حڪومت جي صحت تي اثر نه ٿو پئ جي اهي پيٽرول جون قيمتون وڌائن ته ڇا، گهٽائن ته ڇا ان ڪري ته انهن ملڪن جون معيشتون بهتر آهن ۽ اهي اهڙي ڪنهن به ايڪسپورٽ، امپورٽ جي سائنسن ۽ آلجبرائن کان آجا ملڪ آهن، انهن وٽ حڪومتن جي ڪارڪردگين جا اڇا چٺا ماڻهن جي سامهون هوندا آهن، اهي ڪڏهن به ان ڳالهه  تي بضد ناهن هوندا ته عوام جي ڏنل پئسن تي عياشي ڪجي، اهو ثابت ڪجي ته اتي جيڪي به پئسو، رياستي دولتون آهن اهي سڀ وزيرن جون آهن، اهي عوام تي خرچ ٿينديون آهن، اهو به ثابت ڪجي ته اهي دولتون وزيرن، اميرن ۽ اشرافيا جون ناهن هونديون،، اتي ترقياتي بجيٽ تي ايترو خرچ ناهي هوندو ان ڪري ته اهي ترقياتي ڪم پائيدار به هجن ٿا اهي بجيٽ کان بجيٽ تائين جون ترقيون ناهن هونديون، اهو به ثابت آهي ته ان تي پهريون حق ان اپرڪلاس جو آهي ان ڪري انهن کان ڪير به پڇاڳاڇا نه ٿو ڪري سگهي ۽ انهن جي عياشين جي سامان عوام کي پاڻ مهيا ڪرڻا پوندا آهن ۽ عوام ڀلي ان احتساب ۽ اڪائونٽبلٽي جي دائري ۾ اچي، آندو وڃي پر اشرافيا ڪلاس نه ٿو اچي، اشرافيا ڪلاس کان ڪير پڇڻ وارو ناهي ته اهي ڪن ڇا ٿا، ڪيتري عياشي ڪندا، اهي پنهنجي پنجن سالن جي دور ۾ ايترو ته پئسو ميڙي ٿا وڃن، ايترو ته پئسو جوڙي ٿا وڃن جو انهن جا پونئير به انهن جا پئسا ۽ ميڙيل دولت کائيندا ٿا رهن ان ڪري ايتري قليل عرصي ۾ اهو وزير، امير ۽ اشرافيا ڪلاس هڪٻئي جا عيب ڍڪي ٿو هلي ان ڪري ته اهي سڀ هڪ ٻيڙيءَ جا سوار آهن اهي سڀ اهي ئي ڪم ٿا ڪن جيڪي ٻيا به ڪن ٿا جيڪڏهن هڪڙو کنڊ جي ڪرپشن ٿو ڪري ته ڏھ ڄڻا ان وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئي ٿا وٺن، اهي به ان راھ جا راهي ٿي ٿي پون جنهن راھ تي اڳوڻا رهگذر هيا ان ڪري ماڻهو ڪرپٽ ناهن پر سسٽم ڪرپٽ آهي، سسٽم ۾ جهول ۽ وٿيون آهن جنهن جو فائدو عوام نه وٺي سگهندو پر اهي اشرافيا ڪلاس وٺي ٿا وڃن، آڊٽ نالي ڪا شيءِ ناهي.

پر اهي سيڪريٽ آفيشل ايڪٽ، نيب جا نوان قانون اچن ٿا جيڪي رات پيٽ ۾ انهن اشرافيا ڪلاس کي سڳ سميت پڪڙي ٿا وڃن، اهي ڪجهه  اهڙا به اشرافيا ڪلاس جا ماڻهو آهن جيڪي هر ايندڙ دور ۾ اها ڳالهه  ضررو ثابت ٿا ڪن ته اهي نوان چور آهن ۽ انهن نون طريقن سان چوري ڪئي آهي ۽ هاڻي پڪڙي ڏيکاريو، اهو به وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ڪير به اشرافيا ڪلاس جو ماڻهو، هيٺين ليول تي انتظاميا ڪلاس جو ماڻهو بچيل، اشراف ناهي جنهن چوري، ڪرپشن نه ڪئي هجي، جنهن مورڳو نوڪري ڏيڻ، وٺڻ، ٺيڪا ڏيڻ، وٺن جي زمرن ۾ چوريون، ڪرپشن، رشوت خوري نه ڪئي هجي، ڪير به اهڙو اپرڪلاس جو ماڻهو حاجي ناهي جنهن تي ايمان رکي سگهجي، جيڪو به ڪنهن ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي به اڳتي وڌيو آهي ته اهو ان سسٽم جو حصو بڻجي ٿو وڃي، اهو سمجهي ٿو ته هن جي اهي سڀ ڪم نه ڪيا، اهڙي سيٽ تي رهي به جي اهو پنهنجي ٻچن جي لاءِ امپورٽيڊ گاڏي نه وٺي سگهيو، امپورٽيڊ سيڌا سامان خريد نه ڪري سگهيو، ان وزير ۽ ڪبير جا ٻچا به ڪنهن عام رواجي ماڻهوءَ واري زندگي بصر ٿا ڪن ته ان به نه ڪمايو، ان جا ٻار جي لگزري گاڏي ۾ نه گهمي سگهيا، ان جا ٻار اي سي رومز ۾ ننڊ نه ڪري سگهيا، ان جا ٻار ٿرڊ ڪلاس معاشري مان نڪري جي فرسٽ ڪلاس معاشري ۾ زندگي نه گذاري سگهيا ته پوءِ اها اشرافيا ڪلاس، ٽيڪنوڪريٽ ڪلاس جي سيٽ ڪهڙي ڪم جي، ان سيٽ تي رهي به اهو لوئرڪلاس جو ماڻهو اوپرڪلاس جي زندگي گذاري نه سگهيو ته پوءِ ڇا ڪيائين، ان پنهنجي دور ۾ جي پنهنجي ٻارن کي برطانيا، آمريڪا شفٽ نه ڪيو ته معني ان سان الله راضي ناهي ان هن ڪلاسيفائيڊ ڪلاس واري ڪميونٽي ۾ رهي اهي سڀ خواب ساڀيان ڪرڻا ٿا پون، اهي سڀ خواب پورا ڪرڻ به الله جي برڪتن ۾ بشمول هجن ٿا، اهي به برڪتن جا زمرا هجن ٿا، جي ناهن ته سمجهو ته انهن ماڻهن سان انهن جو پالڻهار ناراض هيو ان ڪري اهي ان سيٽ تي رهي به ڪجهه  به ڪري سگهيا، جنهن ڪامپٽيشن ۾ رهي اهي ماڻهو معاشري اندر اهڙي تفريق واري زندگي نه گذاري سگهيا ته پوءِ ڇا ڪين، ان ڪري هر ڪنهن جي ڪوشش آهي ته اهو اپرڪلاس ۾ رهي ٻن ٽن لوئرڪلاس جي ماڻهن کي پٽيوالي، چوڪيداري جي نوڪري ڏياري، ڪنهن کي عمرو، حج ڪرائي، ڪنهن کي علاج جا پئسا ڏياري مڙئي قسم کڻڻ جهڙو ٿي وڃي ان ڪري ته اسان جي معاشري جا اصول به ڪجهه  نرالا آهن، اها ڳالهه  سمجهون ته بدقسمت ماڻهن جي مٿان خوش قسمت ماڻهو بادشاھ لڳا ويٺا آهن پوءِ اهي هاڻوڪا ٽيڪنوڪريٽ ماڻهو به ڇو نه هجن جن جي الله پڄائي، انهن جي هاڻوڪي هڪ بيان مان به سمجهي سگهجي تو ته انهن حلف نامي ۾ اهو به قسم کنئيو هيو ته اهي پيٽرول جي قيمتن جي ڳالهه  ئي نه ڪندا ان ڪري ته رپيو   رپيو   جيڪو غريب عوام روز جي حساب سان اميرن (رياست) جي کيسي ۾ ٿو وجهي ان مان رياست جا دڪان  هلن ٿا ان مان رياست جو گاڏو ٿو گڙي ان ڪري هن سال جي لاءِ آيل ٽيڪوڪريٽ سرڪار کي ڪهڙي گتَي پئ آهي جو اهي عوامي سياست ڪندا انهن کي ڪهڙو سڀاڻي ووٽ وٺڻ جي لاءِ وري عوام وٽ وڃڻو آهي، انهن جي سڀاڻي ڪهڙي آڊٽ ٿيندي، انهن کان ڪير پڇا ڪندو ته هنن پنهنجي دور ۾ ڇا ڪيو ان ڪري ته انهن کي به شهبازسرڪار فل پاور ڏئي لٿي هلي وئي هاڻي انهن جي مرضي آهي ته اهي جيڪو ڪن اهو ڪري سگهن ٿا.

هن عارضي سرڪار جي مٿي جو سور اهو به ناهي ته هو آئين جي آرٽيڪل 242 ۽ 48 جي شق نمبر (4) تحت ڪو پابند به آهن ته اهي اليڪشن ڪرائين ان ڪري ته نون ليگ ۽ پي پي وارن وس ڪيو ته انهن جي فرمائش تي ڪو به ٽيڪنوڪريٽ سرڪار اندر ناهي آيو، اها به پڪ ڪن ته انهن جي ڪا به ڳالهه  ٻڌڻ جهڙي نه هوندي، نون ليگ ۽ پي پي جي ڪا فرمائش لسٽ به لکي ان ڪري ته هي ٽائيم پاس ڪرڻ واري ٽيڪنوڪريٽ سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪري ويندي ۽ ٻيو ته مالڪن جي فرمائش تي آيا آهن ۽ هن دفعي ته هنن اهي ماڻهو سليڪٽ ڪيا آهن جيڪي آهن ئي ٽيڪنوڪريٽ جيڪي آهن ئي بيوروڪريٽ جيڪي عوام جو دک درد کڻي ناهن آيا جن کي سڀاڻي عوام ۾ موٽي ناهي وڃڻو ان ڪري ته انهن ماڻهن جو عوامي مسئلن سان ڪجهه  به نه وڃي ۽ ٻيو ته اوگرا ۽ اسٽيٽ بنئڪ جا صوابديدي اختيار پي ٽي آءِ جي سرڪار ۾ ئي ڪمپرومائيز ٿي ويا هيا انهن ته لکي ڏنو هيو، پر اسان وٽ جي عام واهپي جي شين جي قيمتن وڌڻ جا بهانا هزار هوندا آهن ان ڪري ته اشرافيا ڪلاس کي حلف کڻائڻ کانپوءِ آف اسڪرين ان ڳالهه جو به قسم کڻايو ويندو آهي ته اهي ڪڏهن به ڪجهه  نه ڪڇندا توڻي جو پيٽرول ۽ ٽيڪس ڪليشن ٻيڻا ۽ چئوڻا ٿي وڃن، اهي ٽيڪس ڪليڪشن، ان ڪري ته اسان جي اشرافيا ڪلاس جي عياشي، خرچ کاٻار هلن ئي ان پيٽرول جي مٿڪيءَ تي ٿا پوءِ اها مٿڪي ڪنهن ٽيڪس جا بهانا کڻي اچي، اهو بانور ڪرائين ته پيٽرول جا ايڪسپلورر (جيڪي ڪمپنيون پيٽرول ڳولهي لهن ٿيون) الڳ ٽيڪس ڀريندا جو جيستائين اهو پيٽرول ريفائينريز تائين پڄي تيستائين ان قومي دولت تي اهي پرائيويٽ ڪمپنيون ٽيڪس ڀرينديون ۽ ان ريفائينري تائين پڄڻ تائين اهي جيڪي به باءِ پراڊڪسٽس ڏين ٿيون جن ۾ اهي پيٽروليم جون مصنوعات جن ۾ موبل آئل، لبريڪنٽس، پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ آخر ۾ ڊامبر (يا ڏامر) به ان ڪري اهي سڀ پراڊڪسٽس ۾ حڪومت جا کيسا ڀرين ٿا ۽ انهن جي ڪماين مان حڪومت ٽيڪس جي صورت کائيندي رهي ٿي پر حڪومتي شاهي خرچ ايترا ته گهڻا آهن جو پوري نه ٿي پئ، ٻيا کاپا الڳ جن ۾ بجيٽ ڊيفيسٽ جا بهانا، سرڪيولر ڊيٽس جنهن ۾ حڪومتي ادارن تي ڪروڙين روپين جا بجلي، گيس ۽ ٽيڪس جو رهتون آهن جيڪي اهي ڀرين ئي نه ٿا ان ڪري حڪومت جي لاءِ آسان آهي ته هر مهيني، هر پندرهين پيٽرول، بجلي ۽ گيس جون قيمتون ۽ پنهنجا ليکا چوکا سڌا ڪندي رهي ان ڪري جو حڪومت کي ڪنهن جو ڊڄ ناهي، حڪومت کي اها به خبر آهي ته اهي اگهھ وڌائڻ ۽ گھٽائڻ حڪومت جي وس کان ٻاهر آهن ڇو ته اوگرا جا سڀ اختيار ۽ اسٽيٽ بئنڪ جون سڀ صوابديديون هاڻي ڪنهن به سرڪار جي هٿ وس ناهن اهي آءِ ايم ايف جي هٿ وس آهن ته ۽ اوگرا جڏهن به ناڻي جو ڪانٽو هيٺ ڏسندي ته پيٽرول جون قيمتون وڌائيندي ان کي ڪير چوڻ وارو ناهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.