حيدرآباد بعد اڇڙي ٿر تائين پاڻي پهچائينداسين: مراد شاهه

حيدرآباد: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ هي اسڪيم حسين آباد، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي  عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪندي، صوبي کي ٻن ٽن مهينن لاءِ بلدياتي نمائندن حوالي ڪيو ويو آهي، مون ايڇ ڊي اي جي فلٽر پلانٽ تي به ڪم ڪيو آهي، پ پ جڏهن به حڪومت ۾ ايندي آهي ته بنا ڪنهن فرق جي سهولتون فراهم ڪندي آهي، حيدرآباد کي 35 کان 70 ايم جي ڊي پاڻي پهچائي رهيا آهيون، بلاول ڀٽو جي هدايت تي اڇڙي ٿر ۾ به پاڻي پهچايو، بلاول ڀٽو زرداري پاران حيدرآباد ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو افتتاح ڪيو ويو، ٽرانسپورٽ جون ڪيتريون ئي اسڪيمون متعارف ڪرايون ويون، حيدرآباد جي خوبصورتي جي اسڪيمن تي ڪم شروع ڪيو ھو، حيدرآباد تي جعلي طريقي سان قبضو ڪندڙن عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي چيو ته لوڪل گورنمنٽ جي اليڪشن کانپوءِ چيئرمين بلاول ڀٽو پھريون ڀيرو ھتي آيو آھي، توھان گھر گھر وڃي پارٽي جو پيغام پھچايو ھوندو، پارٽي جو پيغام بلاول ڀٽو جو پيغام ھوندو آھي، اھا ضروري ڳالھ آھي ته پ پ مڪاني چونڊن ۾ پارٽي بنياد تي چونڊون ڪرائي ڪاميابي ماڻي آھي، عوام جي دلين ۾ محبت پيدا ڪئي، ماڻھن سمورين حڪومتن کي ڏسي ڇڏيو آھي، ھتي صرف چھرو ھڪڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو اھو بلاول ڀٽو جو آھي، ھتي ڪنھن زماني ۾ درياھھ جو پاڻي ملندو ھيو، اڄ صاف پاڻي جي اسڪيم ڏئي ان جو افتتاح ڪرايو، پاڻي زندگي آھي، اڄ صاف پاڻي ڏيڻ لاءِ توھان وٽ آيا آھيون، ڪنھن ملڪ ۾ اين آئي سي وي ڊي جھڙو علاج ناھي ٿيندو، ٻين ملڪن جا ماڻھو اچي ھتي اين آئي سي وي ڊي مان علاج ڪرائيندا آهن، توھان جو گھر توھان جو ملڪيت، سڀني کي پنھنجو گھر ۾ ملندو، اھي احسان مان نه ٿو وساري سگھان، ماڻھو چئي رھيا آھن ته اڄ نه ته سڀاڻي بلاول کي وزيراعظم بڻائينداسين، اھو اسان جو مشن آھي، ان موقعي کي ھٿ مان وڃڻ نه ڏينداسين. اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري بلاول ڀٽو زرداري سان مخاطب ٿيندي چيو تھ ڪارڪنن جي اصرار تي هڪ ڏينهن جي نوٽيس تي اوهان اسان کي وقت ڏنو، اسان توهان کي سلام پيش ڪريون ٿا، حيدرآباد ۾ روڊ جو منصوبو هجي يا پاڻي جو بلاول ڀٽو زرداري هتي ضرور آيو آھي، 2008ع ۾ حيدرآباد شھر ۾ پاڻي جي سپلائي صرف 35 ايم جي ڊي هئي، هاڻي اها 57 ايم جي ڊي آهي، پ پ حيدرآباد جا روڊ رستا ٺاهيا آهن، هاڻي اندروني روڊ به مڪمل ٿي ويندا، پڪي قلعي، پريٽ آباد وارن علائقن کي فائدو ٿيندو. حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري چيو تھ حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو ترقياتي ڪم ٿيا آهن، ان ڪري حيدرآباد جي عوام پ پ کي ڪامياب ڪيو آھي، اڄ بلاول ڀٽو زرداري 6 ايم جي ڊي پلانٽ جو افتتاح ڪيو آهي، ان اسڪيمن مان عوام کي فائدو ٿيندو، حيدرآباد جي عوام به واعدو ڪندي ته هو هميشه پ پ جو ساٿ ڏيندا،  جڏهن به پ پ پاران حيدرآباد جي عوام کي سڏ ڪيو ويو آهي ان تي هزارين ماڻهو نڪرندا آهن، ماضي ۾ جن ماڻهن لسانيت ۽ بندوق جي سياست ڪئي، انھن جي سياست کي رد ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري محبت جي صورت ۾ سياسي عمل کي اڳتي وڌايو، هاڻي حيدرآباد جي عوام پر امن عوام آهي. اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪي ملڪ عمران نيازي جي پرڏيهي پاليسي جي ڪري ناراض ٿيا هئا، اهي بلاول ڀٽو زرداري جي محنت سان ٻيهر اسان جا دوست بڻجي ويا،  بلاول ڀٽو زرداري کي وقت گهٽ هو. ھن چيو ته اڄ جڏھن بلاول ڀٽو زرداري دورو شروع ڪيو آھي تھ ان دوران ڪو جلسو يا جلوس نه هوندو جنھن ۾ هزارين ماڻهن سندس ڀرپور استقبال ڪيو، پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا غربت مان عوام ڪڍي سگهي ٿي. تقريب کي اڳوڻو صوبائي وزير ناصر شاهه خطاب ڪندي چيو ته هي پاڻي جي اسڪيم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي مڪمل ڪئي وئي،  صوبي کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ سموري ٽيم بلاول ڀٽو جي مشن تي هلي رهي آهي، سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائي ۾ ڪيتريون ئي اسڪيمون مڪمل ڪيون،  ڪيترين ئي اسڪيمن ۾ وفاقي حڪومت اسان جي مدد نه ڪئي،  پي ٽي آءِ حڪومت چوندي هئي ته سنڌ اسان آهي ئي نھ، رڪاوٽن باوجود هزارين اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ هزارين منصوبن تي ڪم جاري آهي، سڄي پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪا بهتر ڪارڪردگي هئي ته اها پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي هئي، حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو جيالو ميئر چونڊيو ويو، ڪيترائي ميونسپل نمائندا ڪامياب ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.