ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪرمپور ٿاڻي جي حد منڌاڻي چوڪي لڳ ڇھ مھينا اڳ پوليس ھٿان بيدردي سان شھيد ٿيل نوجوان غلام حسين جعفري جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل ايس ايڇ او غلام شبير ڀيو سان شھيد جي وارثن ڪلام پاڪ سميت سيد ۽ علائقي جي معززين جي ميڙ کي مان ڏيندي نبيرو ڪيو، جڏھن تھ نبيرو علائقي جي چڱي مڙس مير اقبال خان بجاراڻي ۽ ٻين معززين جي سربراهي ۾ ٿيو، جنھن ۾ مجموعي طور ڏوھ جو اعتراف ڪندڙ ايس ايڇ او مٿان ستيتاليھ لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو جنھن مان وارثن کي ٻھ لک ٿڏي تي ادا ڪيا ويا باقي رھيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، شھيد جي وارثن گل حسن جعفري محمد امين جعفري محمد عظيم جعفري محمد جمن جعفري سميت ٻين صحافين کي ٻڌايو تھ اسان علائقي جي معززين ۽ رب پاڪ جي ڪلام پاڪ تي ملوث ايس ايڇ او سان نبيرو ڪيو آھي جنھن ٻڌايو تھ مون کي پوليس اھلڪارن وڏو منشي ڪي بي ڏاھاڻي سميت ٻين غلط خبر ڏني تھ ھن رستي سان ڏوھاري اچن پيا جنھن ڪري اسان اڻڄاڻائي ۾ فائرنگ ڪئي جنھن عمل جو ڏاڍو پڇتاءُ آھي ۽ اسان ھٿان بيگناهه شھري شھيد ٿي ويو، اسان اصل قاتل کي ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين.