پ پ قيادت جي  سياسي حڪمت عملي

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي،چونڊ واري معاملي تي بلاول ۽ آصف علي زرداري جا ڌار ڌار موقف به اچي ويا.آصف علي زرداري چوي ٿو هن وقت سياست نه معيشت بچايو ،چونڊون تڪ بندين بعد ڪرايون وڃن.هوڏانهن بلاول جو چوڻ آھي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ گهرجن، سياسي ڳالھه زرداري نه پارٽي جي مڃيندو آھيان.آصف علي خان زرداري وڌيڪ چوي ٿو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن تي اعتماد آھي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چوي ٿو ته چونڊن بابت آصف علي زرداري جي بيان جو پابند ناهيان، پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۾ فيصلو ٿيو هو ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ کپن، اها ئي آئين جي گهرج آھي!!موجوده سياسي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت جو ٻٽو موقف پڻ سامهون آيو آھي جنهن خود پارٽي اڳواڻن کان ويندي اهم فيصلا ڪندڙ پيپلز پارٽي فيڪٽر کي ڄڻ ته منجهائي وڌو آھي. اهڙي ٻٽي موقف ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن آئين جي گهرج آھي ۽ ٻئي پاسي آصف علي زرداري جو چوڻ آھي ته اسانجو اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن تي مڪمل اعتماد آھي ۽ عام اليڪشن ڀل تڪبندين بعد ٿئي ۽ سياست بعد پهريان معيشت.پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت جي مختلف بيانن جتي پارٽي جي اندر بحث ڇيڙي وڌو آھي اتي مختلف حلقا پڻ ان موقف تي حيران پريشان پڻ آھن ته بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي پارٽي پاليسين موجب موقف ايڏو وڏو اختلافي ڇو آيو آھي. سياسي ۽ صحافتي ۽ عوامي حلقا ان موقف کي به مختلف رخن کان وٺي بحث ڪري رهيا آھن پر سياسي نفسيات تي تيز نظر رکندڙ حلقن جو خيال آھي ته پيپلز پارٽي قيادت وٽ ڪو به هڪ ٻئي سان سياسي پاليسي تي اختلاف ڪونهي ڇوته هو گذريل 15 سالن کان اقتداري ڪاريڊور ۾ گڏ هوندي هڪ ئي پارٽي ۽ سياسي پاليسي جا پيروڪار رهيا آھن ۽ ان پاليسي جو پاليسي ميڪر مفاهمتي سياست جو بي تاج بادشاهه آصف علي زرداري پڻ رهيو آھي.جيڪڏهن پارٽي اندر سيد خورشيد احمد شاهه ،پيرمظھرالحق ،نادر مگسي ،لاڙڪاڻي جي عباسي خاندان کان ويندي پنجاب مان سردار لطيف کوسي، اعتزاز حسين ٿورو به اختلاف ڪيو ته انهن کي اقتداري ڪاريڊور ۽ پارٽي پاليسي وارن سياسي فيصلن کان ڪوهين ڏور رکندي کين شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا.

ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال خراب ٿيڻ جا ذميوار گذريل 15 سالن جا سياسي اڳواڻ پڻ آھن جن کي اقتدار واري واري سان ظاهري طور جهموري طريقي سان ملندو آيو ۽ هو انهن 15 سالن جا ظاهري طور به ته اندروني طور ذميوار آھن پوءِ  ڀلي مڃين يا نه مڃين. پ پ پ قيادت ،ن ليگ قيادت ، پي ٽي آءِ قيادت،جي يو آءِ ف قيادت مطلب ته جن اقتدار حاصل ڪيو ۽ جيڪي پارليامينٽ ۾ پهتا سي سڀ جا سڀ 15 سالن جي 3 اقتداري دورن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال نه سڌرڻ جا پڻ ذميوار آھن.

اسان موجوده سياسي صوتحال کي سامهون رکي پيپلز پارٽي جي سياسي ۽ اقتداري حڪمتي عملي تي ڳالهايون ٿا ته پيپلز پارٽي جنهن کي سنڌ ۾ مڪمل طور 15 سالن کان اقتدار مليل هو ۽ ملڪ جي پنج سالا اقتداري پارٽي هوندي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڪنٽرول ته نه ڪري سگهي پر سنڌ صوبو مجموعي طور اقتداري،سياسي،۽ انتظامي طور ڪنٽرول ۾ رهيو پر ٿيو ڄڻ ته ڪجهه  به نه سواءِ  چند اسپتالون جوڙائڻ جي باقي ڪل خير! سنڌ جو جتي ادارتي اسٽرڪچر متاثر ٿيو اتي سماجي طور ۽ انتظامي طور اخلاقي قدر تيزي سان ڪرڻ لڳا ۽ عام فهم ٿي ويو ته سواءِ  رشوت جي ڪجهه  ٿيڻو ئي ناهي.سنڌ جو تباھ حال سماج ،مهانگائي جو پيڙهيل عام انسان،بدامني جي باھ جو متاثر دانهين بيٺو پر ٿيو ڪجهه  ڪونه نتيجي۾ اڄ ڀنگ عيوض اغوا خلاف سنڌ سراپا احتجاج آھي.

انهيءَ   سموري سياسي صورتحال ۾ پ پ پ قيادت جو مٿي آيل موقف ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ خاص طور تي احتساب نالي جيڪا نالي ماتر وٺ پڪڙ شروع ٿي آھي جنهن سان سنڌ ۾ حڪومتي ۽ انتظامي وهنوار کي جيڪو سسٽم ھلائڻ وارو تاثر هو سو پڻ متاثر ٿيو آھي ۽ سندن خلاف گهيرو تنگ ٿيڻ نظر اچي پيو تنهن کانپوءِ  پ پ پ قيادت جو اليڪشن فوري طور ڪرائڻ وارو  مطالبو ۽ اليڪشن مهم جيان بلاول ڀٽو زرداري جو عوام ۾ نڪري اچڻ ٻڌائي ٿو ته پ پ پ قيادت ڪنهن پريشر جو شڪار ٿيندي پنهنجو سياسي ۽ عوامي دٻاءُ  ظاهر ڪندي ڪجهه  رليف وٺڻ جو ڄڻ ته سوچي رهي آھي .

جتي اهو عمل نظر اچي ٿو اتي وري بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي خان زرداري جو مختلف بيان ته اليڪشن فوري ٿيڻ کپي ۽ ٻيو چوي ٿو چونڊون اليڪشن ڪميشن پاران تڪبندين بعد ٿين ۽ سياست بعد پهريان ملڪي معيشت بچايو وارو موقف ٻڌائي ٿو ته هن وقت عام اليڪشن واري معاملي تي جتي ملڪ جون سموريون سياسي قيادتون ٻڏتر جو شڪار آھن اتي پي ٽي آءِ قيادت ۽ پ پ پ قيادت انتهائي حڪومتي ۽ ادارتي ڪاررواين جي دٻاءَ  جو شڪار نظراچي رهيون آھن. انهن کي ملڪ ۽ عوام توڻي ادارن جي بهتري جو ڪو الڪو يا اونو هجي ها ته شايد هن وقت ملڪي سياست ۽ معيشت هيئن ڪونه هجي ها جنهن بابت آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري بيان بازي ڏئي پنهنجي سياسي حڪمت سامهون آڻي رهيا آھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.