نئي دھلي کي ڀاجپا جي رنگن ۽ مورتين سان اربين رپيا خرچ ڪري خوب سينگاريو ويو، پر غريبن جي جھوپڙين کي مسمار ڪري،9 ۽ 10 سيپٽمبر تي جي 20 جي گروپ جو ارڙھون چوٽي جو اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي.هر طرف وشوا گرو يعني عالمي گرو ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي جون تصويرون ڇانيل آهن.
اهو به پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو ته ڀارتي صدر دروپدي مرمو، ڀارت (ھندستان نھ ) جي صدر جي حيثيت ۾ دعوت نامو موڪليو تھ ڄڻ نظرياتي جنگ جي باهه ٻيهر پکڙجي وئي ته ماڊرن انڊيا کي روايتي ڀارتيھ ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هندو روايت پرست ٻن صدين کان مذھب جي بحاليءَ واري تحريڪ ھلائيندا آيا آهن، جن پونيئرن ۾ آريا سماج، راڌاسوامي ۽ رام ڪرشن مشن شامل هئا. اصلاح پسندن ۽ڪٽر روايت پسندن جي وچ ۾ ورڇ پراڻي آهي، جيئن پروٽسٽنٽ ۽ ڪيٿولڪ آھن.ان جو اظھار ڪانگريسي اڳواڻ گنگاڌر تلڪ ۽ پوءِ راشٽريا سوائم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جي روپ ۾ ظاهر ٿيا. آر ايس ايس سڀ کان پهرين تھ هندوازم جي نالي تي ڀارت جي قديم تھذيبي بنيادن کي بحال ڪندي هڪ مذهب، هڪ ٻولي، هڪ قوم جي نالي تي تھذيبي بحاليءَ جي حوالي سان هندو قومپرستي (هندتوا) کي فروغ ڏنو.
هن جماعت ثقافتي بحاليءَ سان گڏوگڏ فاشسٽ طرز جي سياست جي حامل آهي، جنھن جي نشاني تي ٻين سڀني مذهبن جون اقليتون آھن، خاص ڪري مسلمان جيڪي ٻاھرين حملي آورن جي هزارين سالن جي حڪمرانيءَ جا نمائندا سمجهيا وڃن ٿا. آر ايس ايس سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ تحريڪون آهن، جن ۾ سڀ کان نمايان ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) آهي، جيڪا بابري مسجد کي ڊاهڻ ۽ ان جي جاءِ تي رام جنم ڀومي مندر جي اڏاوت جي حوالي سان ھلايل فرقيوارانه سياست جي زور تي ڀارت جي سڀ کان وڏي پارٽي طور اڀري آھي. ڀارتي صدر جي دعوت نامي تي خوب شور متو تھ انڊيا ڪئين ڀارت ٿي ويو. جيتوڻيڪ هندستان جي آئين جي پهرين شق ۾ لکيل آهي ته انديا يعني ڀارت (انڊيا جيڪو ڀارت آهي) رياستن جي يونين آھي.انڊيا جو لفظ انڊس مان نڪتو آھي.جنھن کي سنسڪرت ۾ سنڌو به سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي يونانين ۽ ايرانين اندوز يا ھندوز سڏيو آهي، يعني اھا سر زمين جيڪا سنڌو درياهه جي اوڀر ۾ آھي. لفظ ھندستان پڻ يوناني لفظ سائنسدانن جي لفظ ھند مان ورتل آھي.
پر آر ايس ايس جي اڳواڻ موهن ڀڳوت، لفظ انڊيا کي رد ڪندي،ملڪ جو نالو صرف ڀارت قرار ڏيڻ تي اصرار ڪيو، جنهن تي بحث تيز ٿي ويو. آر ايس ايس هند ۽ هندستان کي فارسيءَ سان منسوب ڪندي، اھو اصرار ڪري رھي آھي تھ اهو ويدڪ قبيلي ڀارتيھ سان جڙيل آهي، جنهن جو ذڪر آريا ورت جي سلطنت جي ڀارتيھ مھا ڀارتيھ حڪمران جي حوالي سان آھي.ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آر ايس ايس ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي هندستان جي شهرن، گهٽين، ھنڌن، مسجدن ۽ ٻين تاريخي هنڌن جا نالا سنسڪرت روايتن جي مطابق تبديل ڪرڻ جي تحريڪ ھلائي رھيون آھن. تھ ڀارت جي اصل تھذيبي بنياد کي بحال ڪيو وڃي ۽ نو آباداياتي ٻاھرين حملي آورن جي نشانين کي مٽايو وڃي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هندستاني جيد مورخ ڪنھن ھڪ رخي تاريخ و تھذيب، جھڙوڪ آريائي وغيرھ جي تصورن کي رد ڪن ٿا،جن ۾ پرميلا ٿاپر ۽ عرفان حبيب نمايان آهن.
لڳي ٿو ته ڀارتي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جيڪو ڪنهن ايجنڊا کانسواءِ سڏايو ويو آهي، ان ۾ انڊيا، ڀارت بڻجي ويندو، ھڪ سول ڪوڊ پاس ڪيو ويندو جيڪو وڏو طوفان اُٿاريندو. لفظ ڀارت تي اصرار هن وقت ان ڪري بھ ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اڌ درجن کان وڌيڪ اپوزيشن پارٽيون بي جي پي جي خلاف هڪ محاذ ٺاهي رهيون آهن، جنهن جو نالو (آءِ اين ڊي آءِ اي) رکيو ويو آهي. ڄڻ ته سيڪيولر ۽ مذهبي قوتن جو مقابلو ڀارت بمقابله انديا جو هوندو، يعني ايندڙ چونڊن ۾ جديديت ۽ قدامت پسندي جي جنگ عروج تي هوندي. ان سان، ٻرندي تي تيل جو ڪم تامل ناڊو جي وڏي وزير جي پٽ اسٽالن جونيئر ڪيو آهي، جنهن آر ايس ايس جي آئينڊيالوجي سناٿن ڌرم يعني سنسڪرت ۾ ازلي ڌرم کي انتها پسند هندو نظريي تي وڏو وار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي پراڻا ويد نڪري آيا آھن ۽ نظرياتي يوڌ وڌي ويو آھي.
ان پس منظر ۾ ڀارت ۾ G20 جو اجلاس ڀارتيه جنتا پارٽي جي وڏي داخلي لڙائي ۾ ھڪ وڏي اڀرندڙ طاقت جو منظر ڪشي جو ذريعو بڻجي ويو آھي.تمام دلچسپ پهلو ھي آهي ته G20 جي ارڙھين ڪانفرنس جو موٽو: ”هڪ ڌرتي، هڪ خاندان ۽ هڪ مستقبل“ چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نعري ”انسانيت جي گڏيل مقدر جي (عالمي) برادري جنھن جو گڏيل مستقبل ھجي“.جي ساڳي معنيٰ وارو آھي. ڪو وقت هو جڏهن ”ھندي چيني ڀاءُ“ جي ڳالهه ٿيندي هئي، هاڻ وقت آھي تھ ڀارت ۽ چين پاڙيسري هئڻ ڪري جنگي ڪيمپن جو حصو بڻجي ويا آهن، جيتوڻيڪ ڏکڻ جا ٻئي ترقي يافتھ ملڪ اتري جي اسرندڙ ملڪ جو مالي ۽ نوآبادياتي طور استحصال خلاف جدوجھد جا وڏا داعي آھن.
ان جو کل جھڙو پھلوءِ ھي آھي ته ڀارت جي وزير اعظم، هندستان (انڊيا) کي فرقيواريت جي بنياد تي ورهائيندي (جيڪو مذهب جي بنياد تي 1947ع جي ورهاڱي جو تسلسل آهي) ۽ عالمي سطح تي اُتر و ڏکڻ ۽ اوڀر و اولهه جي ورهاڱي جي ذميواري پاڻ سنڀالي ورتي. هن پاڻ کي ”ورلڊ گرو“ طور پيش ڪيو آهي. اھي آهن ظالم سياست شاطراڻيون چالبازيون. سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو بحث هلي رهيو آهي ۽ مون تي هندوتوا جا حامي تير اُڇلي رهيا آهن، ان ڪري پاڪستانين جي ضد جو اظهار ڪندي مون مذاق ۾ چيو ته جيڪڏهن انڊيا ڀارت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو (جنهن کي پاڪستان ۾ ڀارت سڏڻ پسند ڪيو وڃي ٿو )، تھ پوءِ پاڪستان ۾ اينٽي انڊيا قومپرستيءَ جي تقاضا بڻجي سگھي ٿي تھ پاڪستان کي ريپبلڪ آف انڊس سڏجي، جنهن تي ٽھڪڙا لڳا پيا آھن. بهرحال منهنجي آخري خواهش اِها آهي ته پاڪستان هڪ غير مذهبي وفاقي جمهوريه بڻجي وڃي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي امين ھجي.
G20 ۾ يقينن ڀارت عالمي سطح تي هڪ وڏي اڀرندڙ ايشيائي طاقت جي طور تي اڀري اسٽيج تي نمودار ٿيو آهي. هاڻ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تاريخي دشمني تاريخ جو وساريل خواب بڻجي چڪو آهي. پر ڀارت ۽ چين ۾ جاري کٽ پٽ سان ڏکڻ جا اسرندڙ ملڪ ملڪن جو آشائن کي نقصان پھچي رھيو آھي.پئرس جي پڌرنامي ۾ ماحول کي بچائڻ جا جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا سي سڀ وساري ويا آهن ۽ انسان ۽ ڌرتيءَ جو گولو ڪاربان جي اخراج ۽ وڌندڙ گرمي پد سبب تباهي جي طرف وڃي رهيوآهي.نئي دھلي جي چوٽي جي گڏجاڻي مان صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولاديمير پوتن جي غير حاضري سان ان جي ڪاميابي تي پاڻي پئجي ويو.جيتوڻيڪ ڏکڻ جي غير برابري واري عالمي سرمائيدرانھ ھڪ ھٽي خلاف ڏکڻ جا ملڪ متبادل عالمي نظام لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. هاڻي پاڪستان کي به هندستان سان دائمي دشمني جي نظرئي تان ھٿ کڻڻو پوندو ۽ پنهنجي عوام جي معاشي بقا لاءِ امن پسنديءَ، علائقائي تعاون، واپار ۽ علائقائي گڏيل سيڙپڪاري ڏانهن وڌڻو پوندو. هٿيارن کي الوداع ڪريو !واپار جي آجيان ڪريو!