پيپلزپارٽي اڳواڻن جا اختلاف ۽ آئيني گھرج

تازو پاڪستان پيپلزپارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي بيانن ۾ ظاھر ٿيل تضادن تي تبصرا جاري آھن.ان پس منظر ۾ ڪن مبصرن جو خيال آھي تھ ھن وقت ملڪ جي اھم سياسي جماعتن ۾ فڪري جمود موجود آھي.جنھن ڪري انھن جماعتن ۾ نوجوان نسل اندر ملڪي سياست نواڻ پيدا ڪرڻ جا خيال ۽ سوچون پيدا ٿي رھيون آھن. ھڪ مبصر جو خيال آھي تھ  وڏين جماعتن ۾ ھن وقت اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل اطاعت ڪندي سياست ڪرڻ ۽ اقتدار تائين رسڻ جو خيال موجود آھي تھ ساڳئي وقت انھن ئي جماعتن ۾ نوجوان نسل جديد سياست واري لاڙي جي نمائندگيءَ ڪري رھيو آھي، ان ڪري اھڙو سوچن ۽ خيالن جو فرق ھر جماعت ۾ آھي.

ان بعد سوال اھو آھي تھ ڇا اسٽيبلشمنيٽ سان ساز باز ڪرڻ واري لاڙي کي شڪست ملي سگھي ٿي ؟ يا وري انھن جماعتن ۾ جمود کي ٽوڙيندڙ ۽ سياست کي نواڻ ڏيندڙ ۽ انينٽي اسٽيبلشمينٽ رجحان رکندڙ نوجوانن کي ڪا ڪاميابي ملي سگھي ٿي ؟في الحال اھو بحث پ پ پ جي قيادت جي ٻن اڳواڻ جي بيانن جي پس منظر ۾ بحث ۾ آيو آھي.تازو ملير ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ھو تھ اليڪشن ڪميشن کي ملڪ جي آئين موجب چونڊون ڪرائڻ گھرجن. جنھن بعد ڇنڇر واري ڏينھن ھن بدين ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته آصف زرداري هائوس جو سربراهه آهي پر پارٽي جا فيصلا سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ڪندي آهي. ڪميٽي قانوني ماهرن جي مشوري تي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.سندس اھو بھ چوڻ ھو تھ  نوجوان قيادت ملڪ کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

ٻئي پاسي آصف زرداري چيو ھو تھ اليڪشن ڪميشن نئين آدمشماري کانپوءِ تڪبندين ڪرڻ جي  پابند آهي. اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد آهي ۽  چونڊون آئين موجب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ھو. آصف زرداري جو اھو بھ چوڻ ھو تھ ملڪ  معاشي بحران مان گذري رهيو آهي انڪري سياست ڪرڻ بدران معيشت جي باري ۾ فڪرمند ٿيڻ گهرجي ڇو ته جيڪڏهن ملڪ آهي ته پوءِ اسان سڀ آهيون.آصف زرداري جو اهو بيان بلاول ڀٽو زرداري جي ان مطالبي سان ٽڪراءَ ۾ اچي ويو. جنهن ۾ هن 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ تي زور ڏنو هو.جنھن تي ميڊيا ۾ گھڻا ئي تبصرا ٿي رھيا آھن. اها ڳالهه تھ بھتر آهي جو بلاول پارٽي ۾ فرد يا خانداني ھڪ ھٽي  بدران ادارن کي اهميت ڏيڻ جي ڳالھھ پيو ڪري. اھو تھ  اصولي موقف ملڪ ۾ جمهوري مزاج جي واڌ ويجھھ لاءِ انتهائي اهم آهي.هاڻي جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي فيصلن کي پنهنجي والد جي راءِ تي اوليت ڏيڻ جي اصولي سياسي موقف جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها هڪ حوصلا افزائي واري سياسي ڳالهه آهي.پر ڪجهه حلقن جو  اھو خيال آھي تھ پارٽي جا ٻه اڳواڻ جيڪي پاڻ ۾ پيءُ ۽ پٽ به آهن.پاڻ ۾ مليل آھن. اھڙا افواھ پکڙيل آھن.ساڳي ريت وري  مختلف  راءِ ھجڻ بابت ڪي  ’سازش جي ٿيوري ‘ بھ ڳولين پيا.

ھن وقت جي نگرانن جي ھلندڙ حڪومت جي پروگرامن ۽ انھن جي ھٿ ۾ کنيل رٿائن مان اھو لڳي رھيو آھي تھ چونڊن شايد وقت تي نھ ٿين. اھڙي صورتحال بابت لڳ ڀڳ سمورون جماعتون اشارا ڏين ٿيون پر ان تي سامھون اچڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.

ان دوران اھو بھ سمجھيو پيو وڃي تھ  پيپلز پارٽي مقرر آئيني مدي اندر چونڊون ڪرائڻ چاھي ٿي ۽ پر ان لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي کي منهن ڏئي رهي آهي.اليڪشن ڪميشن پاران  اليڪشن جي شيڊول جي اعلان کان انڪار سبب مونجهارو وڌي ويو آهي. ذڪر ڪيل معاملن جي پس منظر ۾ چيو پيو وڃي تھ  اسٽيبلشمينٽ نگران حڪومت جو مدو وڌائڻ  چاهي ٿي جيئن اهم معاشي فيصلا ڪري سگهجن.

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ميڊيا  وسيلي سامھون آيل تڪرار کي رڳو ٻن نسلن جي سوچ ناھي.اھڙا  اختلاف سياست ۾ سرگرم مختلف  عنصرن ڏانهن اشارو بھ ڪن ٿا.جنھن موجب ھڪ سوچ آھي  مفاهمت جو رستو اختيار ڪجي جيئن جماعت کي ڪو نقصان نه پهچي ۽ مقصد به حاصل ٿئي. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري 90 ڏينهن اندر چونڊن ڪرائڻ واري آئيني حق تي سمجهوتو نٿو ڪرڻ چاهي. ان ھوندي بھ لاهور ۾ پاڪستان جي پيپلزپارٽي جي ٿيندڙ مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ حتمي موقف اختيار ڪيو ويندو.

تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خاتمي بعد 16 مهينن تائين واري اتحادي حڪومت جو اتحاد پڻ ٽٽندي ۽ انھن وچ ۾ اختلاف نظر اچي رھيا آھن. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ تھ معاملي گھڻو چٽو ٿي ويو آھي. پر ھوڏانھن خود  مسلم ليگ (ن) ۾ پڻ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي راين ۾ اختلاف بحث جو حصو تھ نه بڻيا آهن، پر انهن جي موجودگيءَ جا اشارا ملي رھيا آھن.  نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي بالادستي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر آرمي چيف جي ڇانو هيٺ وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي.

پيپلز پارٽيءَ وانگر مسلم ليگ (ن) ۾ به موجود ان فرق کي هاڻي سامهون آڻڻ گهرجي ته جيئن قيادت لاءِ وڙهندڙ پارٽين جي اندروني سياست کان عوام چڱيءَ ريت واقف ٿي سگهي.بلاول ڀٽو زرداري جي اھا ڳالھھ تھ ڪافي بھتر آھي تھ ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ ”نوجوان قيادت“ جي ضرورت آهي. ملڪ کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت صرف نوجوانن ۾ آهي.اھو بھ چيو ٿو وڃي تھ خود پاڪستان تحريڪ انصاف جي اندر پڻ ”پرو اسيٽيبلسمنيٽ“ ۽ ”اينٽي اسٽيبلشمنيٽ“ لاڙو موجود آھي.

ھن وقت نوجوانن ۽ جھونن جو نھ پر ملڪ ۾ جمھوريت کي ڪنھن بھتر نموني سان اڳيان اسرڻ ڏيڻ واري ڪوشش ڪندڙ لاڙي ۽ وري انھن جھونن جي ”مفاھمت“ جي نالي تي اسٽيبلشمينٽ وٽ گوڏا کوڙڻ واري لاڙي ۾ تڪرار جو فيصلو ٿيڻو آھي.

ملڪ ۾ جيڪو آئين چئي ٿو ان جي ويجھو ويجھو نوجوانن جي ڳالھھ آھي، ڇاڪاڻ جو اتحادي حڪومت جي ”تجربيڪارن“ جي تجربي مان تھ آئين، جمھوريت ۽ قانون کي فائدي بجاءِ نقصان ئي ٿيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.