ڊيرا موڙ ڌرڻي کان شروع ڪيل امن جي بحالي واري تحريڪ …،

تحرير: ديدار شام 

سنڌ ۾ ڌرڻن جي نئين لهر، ڊيرا موڙ ڌرڻي کان پوءِ ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻو لڳو، جنهن مٿان لاٺي چارج ڪئي وئي ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو، جيڪو ڌرڻو رات هڪ وڳي تائين جاري رهيو، وري ٻن ڏينهن کان پوءِ ساڳي ضلعي ۾ بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري پاران عاصف ڊومڪي ۽ ظهير ڊومڪي جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو 12 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جڏهن ته ڊيرا موڙ ۾ اهو پهريو دفعو ڏٺوسين،  سنڌي هندن کي روئڻ يا مايوس ٿيڻ بدران گڏيل جدوجهد ۾ پرجوش ڏٺو ويو، اهو سڀ ڪشمور ڊيرا موڙ ڌرڻي،  جو ڪمال هو جنهن سڄي سنڌ کي سجاڳ ڪري ڇڏيو، ڊيرا موڙ ڌرڻي نئين تاريخ لکي آهي، سنڌ ۾ جوش، جذبو، اتحاد پيدا ڪيو آهي، جدوجهد جي جذبي ۾ روح ڦوڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ تي چار ڏينهن ۽ رات مسلسل ڌرڻو هڻي ويهي رهڻ غير معمولي عمل آھي،  ڌرڻي کي مسلسل مينيج ڪرڻ، ماڻهن جي ضرورتن جو خيال رکڻ، پاڻي، ماني جو بندوبست ڪرڻ، ڌرڻي ۾ اندر ۽ ٻاهر موجود سڀني عناصرن کي نظر ۾ رکڻ،  انتظامي توڙي مقامي سياسي نظام ۽ سرداري دٻاءُ کي مُنهن ڏيڻ،  وڏي حقيقت عملي ۽ بهادري جو ڪم آهي،  جيڪو ڪشمور جي چند نوجوان نظير مزاري،افضل عطا ڪلوڙ، ميان حسب زمان دايو، نتن ڪمار، سنديس ڪمار ۽ ٻين ڪري ڏيکاريو، هنن نوجوانن ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ جي چار مغوين مُکي جگديش، جئديپ، ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي لاءِ ڊيرا موڙ تي هڪ ٻه ٽيٽ لڳائي ڌرڻي جي شروعات ڪئي.  جنهن ڌرڻي ۾ ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور جي ديوان ڪميونٽي ڀرپور ساٿ ڏنو، 24 ڪلاڪن کان پوءِ ڊيرا موڙ ڌرڻو سڄي سنڌ جو ڌيان ڇڪائي ويو، ڌرڻي جي حمايت ۾ ڪراچي ٽي تلوار تي هزارين ماڻهو جو ڌرڻو، حيدرآباد واڌو واھ سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرڻا لڳي ويا جيڪا هڪ نئي تاريخ ۽ غير معمولي عمل آهي. هڪ اندازي موجب ڊيرا موڙ ڌرڻي ۾ چار ڏينهن ۽ راتن ۾ ماڻهن جي شرڪت گهٽ ۾ گهٽ چاليهه يا پنجاھ هزار تائين هُئي.

اهڙي طرح ڪراچي ٽي تلوار تي هڪ هزار کان مٿي ماڻهن جو انگ موجود هو، حيدرآباد سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هر هڪ احتجاج ۾ ماڻهن جو انگ سئو يا ٻه سئو تائين هو، تنهن ڪري هڪ اندازي موجب ڪشمور ڊيرا موڙ کان ڪراچي ٽي تلوار تائين هڪ لک سياسي ڪارڪن،  سماجي ڪارڪن ،علمي،ادبي با شعور ماڻهن جو احتجاج هو. اها به حقيقت آهي ته ڊيرا موڙ ڌرڻي ۾ صنعان خان قريشي، سيد زين شاھ طاقت ۽ سگهھ بخشي، ڌرڻي ۾ ئي جسقم 6 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ وات تي ڪاريون پٽيون ۽ هٿن ۾ زنجيرون ٻڌي مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو،  ۽ ضلعي انتظاميا کان ڳالهھ وڌي وئي ۽ ڌرڻي جي ڪاميٽي سان ڪمشنر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ڳالهيون ڪيون ۽ ڌرڻي ۾ ٽن مغوين مکي جگديش، جئديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي ڏيکاري مغوين کي پيش ڪيو ويو، جڏھن ته هڪ مغوي ساگر ڪمار جي بازيابي لاءِ ساگر جي فيملي کان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي 72 ڪلاڪن جي مهلت ۽ ٽائيم گُهريو. ( جيتوڻيڪ ساگر ڪمار پن مهلت مطابق آزاد ٿي گهر پهچي ويو) جنهن تي هندو پنچائت ڌرڻي ڪميٽي سان صلاح ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو،  پر ڪامياب ڌرڻي جي ختم ٿيڻ جي اعلان کان پوءِ ڪجھه  عناصر، موقعي پرست، پاڻ مرادون دانشور، احساس محرومي ۾ ورتل ماڻهن وڏي واويلا شروع ڪئي ته قهر ٿي ويو،  وڏو ظالم ٿي ڌرڻو ختم ڪيو ويو،  جيڪي سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ احتجاج ڪندي نظر نه آيا اُهُئي به گهر ويٺي، خبرون ڪرڻ لڳا ته هِيئن نه ٿئي ها هُئين نه ٿئي ها،  اصل ۾ ان قسم جي ماڻهن جو هڪ ئي مقصد هوندو آهي ته ڪامياب شين کي ناڪام ڪري پيش ڪجي، جيئن ماڻهن ۾ حوصلو پيدا نه ٿئي ماڻهو مايوس هجن،  هي ويچارا پاڻمرادو تمام وڏا دانشور به آهن ته ليڊر به آهن اهڙي ذهنيت جا ڪجھه  ماڻهو ڊيرا موڙ ڌرڻي ۾ به موجود هئا جيڪي پرچي لکي يا ڪنهن کان چورائي مائيڪ هٿ ۾ جهلي الائي ڇا مان ڇا ڳالهائي رهيا هئا ڄڻ ته ڊيرا موڙ جو ڌرڻو هنيو ئي هنن هو،  جڏهن ته ڊيرا موڙ ڌرڻي جي ڪاميابي تي سنڌي اخبارن ايڊيٽوريل لکيا آهن، جيڪا هڪ اهم ڳالهھ آھي ڇاڪاڻ ته اخبارون ڪنهن خاص مسئلي ۽ ڪاميابي تي ايڊيٽوريل لکنديون آهن،  جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته ڌرڻو ختم ڪرڻ تي تنقيد ڪندڙن کي اها به ڄاڻ نه هوندي ته ايڊيٽوريل ڇاهي يا ڇا ٿيندو آهي تنهن ڪري ان قسم جي ماڻهن کي گذارش آهي ته تعميري ٿيو، تخريبي نه بڻجو، ڪا به جدوجهد حڪمت عملي، سچائي ۽ وسيلن سان هلندي خبرون ڪرڻ سوليون آهن عملي ڀور جدوجهد ڪرڻ ڏکيون ڪم آهي ڌرڻن جي سياست جو بادشاھ شهيد بشير خان قريشي چوندو هو ته  جيڪو ماڻهو جدوجهد جي عمل ۾ هڪ وک به هلندو تاريخ ۾ ان جو نالو لکيو ويندو، تنهن ڪري اجائي تنقيد ڪرڻ کان بهتر آهي جدوجهد جو حصو بڻجي وڃو.

صنعان قريشي 21 سيپٽمبر تي سکر ڊي آءِ جي آفيس اڳيان پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ بنا ذات، پات، پارٽي فرق، مذهب، فرقي جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي وڃي، اُتر سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ خلاف جسقم ئي پنهنجي جدوجهد کي ايجنڊا بڻائي ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۾ ريليون ڪڍيون امن امان جي بحالي جي تحريڪ شروع ڪئي هُئي، جيڪا اڄ هُئا تحريڪ سڄي سنڌ ۾ پکيڙجي وئي آهي، سنڌ مٿان ناانصافين، بک، ڏک ۽ تڪليفن جو دور ختم ٿيڻ بدران شدت اختيار ڪندو وڃي پيو،  سنڌ جيڪا وسيلن سان مالا مال هوندي به هڪ ويلي جي ڳڀي ٽڪر لاءِ پريشان آهي،  سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، انصاف جا درد بند آهن،  سنڌ ۾ ماڻهو پاڻ کي شهر، ڳوٺ ۾ ته غير يقيني واري ماحول ۾ گذاري ٿو پر ماڻهو پنهنجي گهر اندر به غير محفوظ ٿو سمجهي،  ڪو به تحفظ ناهي،  ماڻهو اغوا ۽ قتل ٿي رهيا آهن، نياڻين کي زيادتي جو شڪار بڻائي بيدردي سان قتل ڪري وري سندس قتل ۽ ساڻس ٿيل سموري واردات کي لڪايو وڃي ٿو،  راڻي پور جو واقعو توهان جي سامهون آهي،  ڪيئن معصوم نياڻي فاطما ڦرڙو سان واردات ٿي،  ڪيئن سڀ معملا سنڌ اڳيان سامهو آيا ۽ سنڌ  ڪيئن ڪر موڙي اُٿي پئي،  سڀني پيرن ۽ سيدن جو گاديون لُڏي ويون،  پير اسد شاھ کي هٿڪريون لڳيون،  راڻي پور جي حويلي سيل ٿي،  ڪيترا پير روپوش ٿي لڪندا وتن ٿا..،  حليم باغي جي هن شعر جيان ته…

"اي مسند نشينو گهڻو ئي،

ٿيو هاڻي درسگاهون تڪيا به خالي ڪريو”

راڻي پور جي واقعي، سنڌ کي صدين کان پيري مريدي جي غلامي مان ٻاهر نڪرڻ يا آزاد ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي،  ماڻهن ۾ پيري مريدي خلاف ڳالهائڻ جو شعور پيدا ٿيو آهي،  پر سنڌ کي پيري مريدي مان تڪڙو آزاد نه ڪيو ويندو،  ان سوڀ کي به هار ۾ تبديل ڪرڻ جا سانڀاءُ ٿي رهيا آهن قانون جي سُست مرحلي مان ناانصافي،  ذريعي پيرن کي بچائڻ جي ڪوشش ٿئي پئي،  سڀ ثبوت پيرن جي خلاف آهن،  نياڻي فاطما جو لاش پير جي سائونڊ پروف ڪمري مان مليو آهي،  سندس ڪمري جي سي سي ٽي وي مان جيڪو ظاهر ٿيو آهي اهو ئي پيرن کي سُگھو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي،  پر پيرن کي بچايو ويندو،  ڇاڪاڻ ته سنڌ کي ڪا به سوڀ ناهي ڏيڻي،  ڪو به حوصلو ناهي ڏيڻو، ڪو به انصاف ناهي ڏيڻو جيئن هي مايوس هجن،  هنن ۾ پيدا ٿيل سجاڳي جو جذبو مايوسي ۾ تبديل ٿئي،  جيئن ڪا به مهل، گهڙي هنن ۾ ڪا بهتري جي اُميد پيدا ڪري نه سگهي،  اسان کي ڪمزور، مايوس بڻائن لاءِ هر دور ۾ ڪم ٿيندو رهيو آهي،  اسان سنگين وارداتن جا ڪيس وڏا رسڪ کڻي جان جوکي ۾ وجهي سخت احتجاج ڪري، روڊن تي ڌرڻا هڻي انصاف جي اُميد سان عدالتن جي حوالي ڪريون ٿا پر انصاف جا درد بند آهن.

ڀان سعيد آباد جي ڀيڻ نورين مهر جو قتل ۽ ان کان پوءِ جي صورتحال به سنڌ جي اڳيان آهي،  سندس ڀاءُ ۽ پيءُ جي ضمانت ته قانون جي مرحلي تحت رد ڪئي وئي، پر ناانصافي ۽ نااميدي پکيڙڻ لاءِ ڄامشورو جي عدالت مان با آساني انهن کي عدالت مان نڪري وڃڻ ۾ سهولتڪار ڪئي وئي،  جڏهن ته جنهن عدالت هنن جي ضمانت رد ڪئي ان ساڳي عدالت ۾ نورين مهر جي ڪيس جو ٽرائل به هلندڙ آهي جج چاهي ها ته انهن جوابدارن کي اُتي ئي گرفتار ڪرائي پئي سگهيو،  پر ائين ناهي ڪرڻو،  قانوني مرحلو آهي جيڪو ائين هلائڻو آهي.،  سوڀ ناهي ڏيڻي،  انصاف کي يقيني ناهي بنائڻو ماڻهن کي مايوس، ذهني طور ڪمزور رکڻو آهي،  ڪنڌڪوٽ جي پروفيسر اجمل ساوند جو قتل هجي يا ٺل ۾ صدام لاشاري جو قتل هجي،  جي ڏسنداسين  ته هت  قانوني مرحلي ۾ انتهائي ڪمزور شڪل ۾ نظر ايندا، سندن وارداتن جا ذميوار ماڻهو ئي راڄوڻي ڪرائي انصاف کي نااميدي جي صليب تي چاڙهيندي نظر ايندا، سکر ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل جي واردات تي سڄي سنڌ ماتم ڪيو، احتجاج ڪيو، ڌرڻا هنيا پر قتل جا سهولتڪار ته گرفتار ٿيا پر سندس اصل قاتلن کي اڃان تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي،  شهيد صحافي جان محمد مهر جو قتل صحافت جو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي،  پر شهيد صحافي جان محمد مهر جي قرباني صحافت جو ڪنڌ اوچو بڻائي وئي آهي، تنهن ڪري شهيد صحافي جي اصل قاتلن تائين پهچڻ لاءِ صحافين جي تنظيمن، سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي تنظيمن جي گڏيل شعور سان جدوجهد جو مرحلو به جاري رهي، نت قانوني مرحلي ۾ ناانصافي نصيب ٿيندي،  ڇاڪاڻ جو اسان کي هنن سمورين وارداتن سان انصاف ٿيندي نظر نٿو اچي،  جيتوڻيڪ ان سڀني وارداتن تي سنڌ جي اجتماعي شعوري سگھه ڀرپور گڏيل طور تي احتجاج ڪيا ڌرڻا هنيان ڪيس داخل ڪرائي انصاف جي درن (عدالتن) تائين پهچايو،  ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هاڻي بنا دانھ ،ڪوڪ، احتجاج کان سواءِ سنگين وارداتن جا ڪيس به داخل نٿا ٿي سگهن،  مٿي ڄاڻايل سمورين سنگين وارداتن جا ڪيس وڏي جدوجهد کان پوءِ عدالتن ۾ قانون جي سُست مرحلي جي حوالي ٿيل آهن،  جن ۾ هاڻي اهم ڪردار فريادي، وڪيل، پوليس ۽ جج جو وڃي بچي ٿو،  سنڌ ۾ لاقانونيت، ناانصافي سان گڏ ڌاڙيل راڄ به جو اهم مسئلو ٿي پيو آهي، جن ڌاڙيلن جي پاٿاري ۽ محفوظ پناھ گاهون سردارن، ميرن، پيرن جون اوطاقون  آهن.

ڌاڙيل راڄ تي ڪجھه  مهينا هڪ مضمون ۾ مون لکيو هو ته سنڌ ۾ امن امان لاءِ رکيل اربين روپين جي بجيٽ ڪيئن خرچ ٿئي ٿي،  جنهن جو هتي ذڪر ضروري ناهي تنهن ڪري آخر ۾ ڊيرا موڙ ڌرڻي بابت چند ڳالهيون لکڻ ضروري ٿو سمجهان…

1.ڊيرا موڙ هندو ڪميونٽي کي تمام وڏو حوصلو ڏنو، انهن جا اڳواڻ وڏي جوش جذبي سان تقريرون ڪري رهيا هئا ته اسان سنڌ ڪونه ڏينداسين سڄي سنڌ اسان سان گڏ آهي.

  1. 2. ڊيرا موڙ ڌرڻي اهو احساس اُڀاريو آهي ته سنڌ جي ڪنهن به مسئلي تي اگر سچائي سان جدوجهد ٿئي ٿي ته سڄي سنڌ ان جدوجهد سان يڪجهتي طور تي گڏ بيهي رهي ٿي،
  2. 3. ٽي ۽ آخري اهم ڳالھه هي هُئي ته اُتر سنڌ جا ماڻهو جيڪي سرداري نظام ۾ قابو ٿيل آهن، پر جڏهن سردار، مير پير خلاف ڪير ڳالهائي پيو ته سواءِ چند ماڻهن جي اڪثر ماڻهن جي چهري تي مرڪ ۽ چمڪ پئي آئي ۽ زور سان تاڙيون وڄائي رهيا هئا. جنهن تي سنڌ جي مٽي سان محبت ڪندڙ حشو ڪيولراماڻي، دادا ڪيرت ٻاٻاڻي، موهن ڪلپنا جي آتما خوش ٿي هوندي، سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشير خان قريشي به سنڌي قوم جي ان جدوجهد جي گڏيل جذبي کي ڏسي هڪ ٻئي ڏانهن نهاري ضرور مُرڪي پيا هوندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.