ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر+ محمد علي نقرچ) ڪراچي شهر جي ليکڪن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ غير مسلم شهرين جي نمائندن مطالبو ڪيو آهي ته جڙان والا واقعي تي عدالتي ڪميشن ٺاهي وڃي، ملڪ جي آئين مان مذهبي اقليتن خلاف اڻ برابري وارن موجود فقرن ۾ ترميم ڪئي وڃي، سرڪاري نصاب ۾ تبديلي آڻي ان کي انساني حقن جي تعليم جي روشني ۾ تبديل ڪيو وڃي، هايرايجوڪيشن طرفان يونيورسٽي جي نصاب ۾ قرآن کي لازمي تعليم ۾ شامل ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ملڪ کي جناح جي 11 سيپٽمبر واري تقرير جي فڪر تحت هلايو وڃي، گرجا گهرن ۽ عيسائي شهرين کي زنده ساڙڻ وارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن،اقليتن جي جبري مذهب جي تبديليءَ ۽ شادين خلاف رياست طرفان سخت قدم کنيا وڃن، پاڪستان پيپلزپارٽي سميت ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي منشور کي سيڪيولر بنيادن تي نئين سر عوام آڏو پيش ڪن، زبردستي مذهب جي تبديلي ۽ شادين جي شڪار غير مسلم ڇوڪرين لاءِ الڳ پناه گاه مقرر ڪيا وڃن، ملڪ ٺاهڻ جي پس منظر ۾ پيش ٿيندڙ مذهبي نعرن جي روڪٿام ڪئي وڃي. اها ڳالهه جمع ڏينهن ريڊرز اينڊ رائٽرز ڪيفي طرفان پاڪستان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي لائبريري ۾ اقليتن جي حقن جي حفاظت جي موضوع تي ٿيل هڪ مذاڪري ۾ چئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان منارٽي ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا ڳالهائيندي چيو ته ترقي پسند ۽ سيڪيولر سياستدانن غوث بخش بزنجو، ولي خان ۽ ٻين 1973 جي آئين ۾ غير مسلم شهرين جي خلاف اڻ برابري وارن مقرر آئيني فقرن تي نه اختلاف ۽ نه مزاحمت ڪئي، ساڳي نموني پاڻ کي روشن خيال سمجهندڙ رضا رباني 18 ترميم ۾ مذهبي اقليتن جي شهري ۽ انساني حقن جي خلاف آيل فقرن جي خلاف هڪ به لفظ نه ڳالهايو ۽ جيڪڏهن پنجاب ۾ ايس پي سنگهه نه هجي ها ته پاڪستان نه ٺهي ها، جناح ۽ پاڪستان ٺهڻ جي خلاف مذهبي جماعتن ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي، هن چيو ته جناح گڏيل هندستان ۾ مسلمانن جي حقن لاءِ جن 14 نقطن جي ڳالهه ڪئي هئي، ان کي پاڪستان ۾ غير مسلمانن لاءِ نافذ ڪيو وڃي اسان جي اديبن ۽ ليکڪن کي اقليتن خلاف ٿيندڙ تشدد تي لکڻ گهرجي، امرجليل جي سرد لاش جو سفر ۽ ڪرشن چندر جو ناول غدار پڙهڻ گهرجي. ڪرسچن اڳواڻ غزالہ شفيق چيو ته پاڪستان تباهي طرف وڃي رهيو آهي، بائيبل جي شهيد ٿيڻ تي ملڪ جي ڪنهن به شهريء بائيبل کي ڳلي نه لڳايو، پاڪستان جي ٺهڻ ۽ وجود تي ڪٽر مذهبي نعرا لڳايا وڃن ٿا، اسيمبليءَ ۾ مولوي کي ڳالهائڻ ته ڏنو وڃي ٿو پر عيسائين ۽ ٻين جي ڳالهائڻ تي انهن جي مائيڪ بند ڪئي وڃي ٿي، لاهور ۾ سانول مسيح کي سزا ڏني وئي، پر عيسائي شهرين کي زنده ساڙڻ کي آزاد ڪري انهن جي رياستي سطح تي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي ، جبري مذهب جي تبديلي ۽ زبردست شادين جي شڪار غير مسلم ڇوڪرين لاءِ الڳ پناهه گاهون ٺاهيون وڃن، ڇو ته ٻين پناهه گاهن ۾ موجود مسلم عورتون به کين مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهن ٿيون، اسان جي مٿان ڪيترو به ظلم ڪيو وڃي پر اسان پنهنجو مذهب تبديل نه ڪنداسين ۽ مسلمانن کي ٻين مذهبن کان وڌيڪ اعلي سمجهڻ جي رياستي تعليم بند ڪري مذهبي رواداري وارو نصاب نافد ڪيو وڃي. پ پ جي اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر انٿوني نويد چيو ته جڙان والا واقعي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اتي دورو ڪرڻ بعد به هن واقعي تي ڪابه عدالتي ڪميشن نه جڙي سگهي آهي، ان واقعي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان ۾ را ملوث آهي، پر اسان کي را کان نه پر هتي روڊن رستن تي هلندڙ ماڻهن کان خوف ٿي رهيو آهي، اسان ڪنهن ٻي ملڪ مان هجرت ڪري نه آيا آهيون، پنجاب جي اسٽيج طنز مزاح جي ڊرامن ۾ مسيح برادري جي شهرين کي سندن ڪاري رنگ جي ڪري مذاق طور پيش ڪيو وڃي ٿو، سول سوسائٽي جي نمائندي زاهد فاروق چيو ته جناح پاڪستان ٺهڻ بعد جيڪي اقليتن سان برابر جي شهرين هجڻ جا واعدا ڪيا هئا، اسان ان تي اعتبار ڪيو ۽ ملڪ جي عيسائي برادري خوشي سان پاڪستان کي تسليم ڪيو هو، پر هاڻي اسان جا گرجا گهر ۽ جسم ساڙيا وڃن ٿا ۽ رياست ان تي ڪوبه اطمينان جوڳو قدم نه ٿي کڻي.ان موقعي تي نامور ليکڪ، صحافي انور سن را، اصغر علي دستي ۽ ٻين چيو ته ملڪ جي هاير ايجوڪيشن جو ادارو يونيورسٽي ليول تي مذهبي ٻج ڇٽڻ جي ڪوشش ڪندي يونيورسٽيءَ جي تعليم ۾ قرآن شريف جي تعليم لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ غير مسلم شاگردن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا، ان ڪري ان فيصلي کي واپس ورتو وڃي، ملڪ کي مذهبي رياست خاص طور سني رياست بڻائڻ واريون پاليسيون ختم ڪري اقتصادي، سائنسي ۽ سماجي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي. پروگرام ۾ عذرا عباس، فاطمه حسن، ڊاڪٽر تنوير انجم، زينت حسام ۽ افضال احمد ٻين اديبن، شاعرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.