ڏنڊي جو ڪمال، ڊالر اگهه ۾ لاٿ ۽ کنڊ هڪدم سستي

لاهور (عوامي آواز نيوز) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته دهشتگردن، انهن جي سهولت ڪارن ۽ ڊالر سميت  هر قسم جي اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن سان ڪابه  رعايت نه ٿيندي.

نامياري صحافي مبشر لقمان جو چوڻ آهي ته  ٻن ڏينهن کان معمولي سختي ٿي آهي ته ڊالر جي قدر ۾ مسلسل  گهٽتائي ٿي رهي آهي. جڏهن ته پاڪ – ايران ۽  پاڪ –  افغان سرحد بند ٿيڻ ۽ کنڊ جي اسمگلنگ بند ٿيڻ شرط کنڊ به سستي  ٿي رهي آهي.

ملڪ بوستان جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڊالر 250 رپين جو ٿي ويندو. ان جو مطلب  اهو آهي ته سختي برقرار رهي ۽ ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف کان قسط ملي وئي ته ڊالر ٽڪي ٽوڪري ٿي ويندو.

ان ڪري  جن ماڻهن ڊلر، يورو ۽ پائوند گڏ ڪيا آهن انهن کي صلاح آهي ته مهل سان بئنڪن ۾ جمع ڪرائي وڏي نقصان کان پاڻ کي بچائين.

رهيو سوال ته معيشت جي بحاليءَ  لاءِ ترتيب ڏنل پاليسين تي عمل جيئن جو تيئن جاري رهيو ته معاشي بحاليءَ واري عمل ۾ جلد بهتري به اچي ويندي، جيڪا اچي به رهي آهي.

نوٽ:هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 9 سپٽيمبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.