ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس گردي خلاف ۽ مغوين جي آزادي لاءِ قومي عوامي تحريڪ جا ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ قومي عوامي  تحريڪ جي ڌرڻي تي پوليس ۽ خانگي ماڻھن جي دھشتگرد حملي، ڌاڙيل راڄ خلاف ۽ معصوم پريا ڪماري، ساگر ڪمار سميت مغوين جي بازيابي لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ ضلعي صدر غلام نبي سومرو، جنرل سيڪريٽري ماجد حسين عباسي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون،الطاف خاصخيلي، پروفيسر مجدد قريشي، نصرت خاصخيلي، بابو ميمڻ، رفيق ڪنراڻي، پ پ شھيد ڀٽو جي تائو عباسي، علي خاصخيلي، عامر جمالي،  بروھي اتحاد جي داد بروھي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. ملير ۾ منان شيخ، فرحان لاڙڪ، اشفاق چنڙ، ناھيد جوڳي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو، مويا ۾ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي صدر رمضان رند، حنيف باگراڻي، علي مردان رند، اياز لطيف رند، شڪيل ڪنڀار، دلدار رند،سادو مل،ايڊووڪيٽ آڪاش رند، گيانچند مھيشوري، فراز شاھ، منصور احمد، عابد علي چانڊيو، سائين بخش خاصخيلي، فياض احمد نوتڪاتي، جسقم اڳواڻن ڪامريڊ رمضان باگراڻي ۽ پير بخش باگراڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ماتلي ۾ ڪيلاش ڪمار، غلام محمد چانڊيو، گيانچند مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ تي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڪوٽڙي ۾ مقصود جھتيال، شبير ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ٻٻر اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، وارھ ۾ م مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عنايت الله لاشاري، ضلعي صدر ڪامريڊ اڪبر خاصخيلي محمد پناهه، تونيو، ڪاڪا بروھي، امير بخش خاصخيلي، صوفي مقيم تونيو، شعيب ڇٽو، صابر بروھي، عرفان بروھي، شاھنواز ميرجت، فراز خاصخيلي، اياز سرتاج چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاشاري هائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو، ميرپورخاص ۾ مجيد ٻگھيو، ارباب نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي، ڪرڙ ريٻاري، علڻ گورچاڻي، رسول بخش پنھور ۽ ٻين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو، مورو ۾ عوامي هائوس کان ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو اڳواڻي خان سومرو، ضلعي صدر غلام نبي لاکو، نازن عالماڻي،اختر پروو، نزاڪت سنڌي ۽ ٻين ڪئي، ڪي اين شاھ ۾ ايڊووڪيٽ منور جتوئي، سومر چانڊيو ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، جميل لاڙ ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، شھدادپور ۾ آتم ڪمار، محمود رخشاڻي ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، ڄام صاحب ۾ ابراھيم بگٽي، مير محمد منگي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺل ۾ فريد جعفري، اعجاز ڪنراڻي ۽ ٻين ڌرڻو ھنيو، ڏھرڪي ۾ تراب شر، محبت سنڌي، خالد ڪلادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مٽياري ۾ ماجد خاصخيلي، شيراز لاکو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺٽو ۾ شبير ڀٽي، ممتاز علي شيخ، صاحب ڏنو سمون، شفيح محمد پليجو، دانش خاصخيلي، وڪيو ميربحر، سماجي اڳواڻن جمشيد قريشي، گلاب رند ۽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، مٺي،عمرڪوٽ چمبڙ، خيرپور ۽ ٻين شھرن ۾ ڪارڪنن مظاھرا ڪيا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي پرامن ڌرڻي تي پوليس خانگي ماڻھن سان گڏجي خنجرن ۽ لوھي سرين سان دھشتگرد حملو ڪري 25 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ۽ درجنين ماڻھو گم ڪري ڇڏيا حملي ۾ ملوث ماڻھن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.