ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾  حادثن ۽ واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. سعيد آباد ٿاڻي جي حد بلديا ٽائون جي علائقي ناردرن  باءِ پاس روڊ تي پوليس ٽريننگ سينٽر سعيد آباد جي سامھون تيز رفتار ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 30 ورھين جو دانيال پٽ منير حسين پنجابي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش ڪاروائي جي لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. نيو ڪراچي يو پي موڙ فاطما جناح ڪالوني جي ڀرسان گھر مان 24 سالن جي نوجوان محمد قدير ولد محمد اسلم جو ڦندو ٻڌل لاش مليو. اطلاع تي پوليس لاش ڪارروائي جي لاءِ ويجھي اسپتال منتقل ڪيو پوليس ذريعن موجب فوتي ڦاهو ٻڌي خودڪشي ڪئي آهي وڌيڪ واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڏني آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.