ڪراچي (رپورٽر ) ايف آءِ اي هوالا هنڊي جي خلاف ڪارروائي ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 35 هزار آمريڪي ڊالر ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتا، ڊالر اسمگلرز خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڪراچي ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري 35 هزار آمريڪي ڊالرن جي روڪ رقم ۽ موبائل فون هٿ ڪري ورتا آهن. ايف آءِ اي ترجمان چيو ته جوابدارن ۾ زياد خان، محمد عرفان، فرقان محمد سليم، محمد رضا ۽ سيد اساما شامل آهن، جوابدار 23 هزار آمريڪي ڊالرن جي خريد و فروخت بابت اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيا. جوابدارن جي موبائيل فونن مان پرڏيهي ڪرنسي ۽ هوالا هنڊي جا ڪافي ميسيجز پڻ مليا آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ايف آءِ اي جي ڪي پي زون ۾ به ريفرنس هنڊي خلاف ڪارروايون جاري آهن، ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته 20 ڏينهن ۾ هوالا هنڊي خلاف 27 ڇاپا هنيا ويا، هوالا هنڊي ۾ ملوث 28 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن کان هوالا هنڊي جا 27 ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا ويا .