ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار فائرنگ جي واقعن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا ۽ 3 ڄڻا پڻ زخمي ٿي پيا، سعيد آباد ٿاڻي جي حد سعيد آباد جي علائقي بلديا حب ريور روڊ تي نيول ڪالوني گيٽ ڀرسان فائرنگ ۾ 45 سالن جو محمد حنيف ولد چاند مادا ۽ 40 سالن جي عورت سعدي زال شفقت حسين قتل ٿي وئي اطلاع ملندي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب مارجي ويل حنيف مادا پوليس کي چيڪ بائونس ڪيس ۾ گهربل هو، پوليس کي ڏسي ڀڄڻ لڳو ته موقعي تي موجود ماڻهن حنيف مادا کي ڊوڙندي ڏسي ”چور“ چور جون رڙيون ڪيون، جنهن تي دروازي تي موجود سيڪيورٽي گارڊ مٿس فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ حنيف مادا ۽ هڪ واٽهڙو عورت مارجي وئي، ايس ايس پي ڪياماڙي موجب فائرنگ ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ عاقب ولد حيدر زمان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، فائرنگ ۾ استعمال ٿيل پستول خول ۽ گوليون هٿ ڪيو ويون آهن، سچل ٿاڻي جي حد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان بشير احمد قتل ٿي ويو، سائٽ اي جي علائقي ميٽرو ويل سائٽ باب خيبر لڳ فائرنگ ۾ محمد اڪرم ولد غلام سرور زخمي ٿيو.