ڪراچي ۾ پنڪ بسن جي چيڪرز جي يونيفارم تي اعتراض

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ عورت وڪيلن پاران پنڪ سروس بسن جي ٽڪيٽ چيڪرز جي يونيفارم تي اعتراض ڪيو ويو آهي، وڪيل عورتن عدالت سان رابطو ڪري ورتيو، هنن پنڪ سروس بسن جي تعريف ڪئي پر ٽڪيٽ چيڪرز عورت جي ڊريس کي ڏسي حيرت ٿي، هنن جو ڊريس (يونيفارم) وڪيلن جي آفيشيل ڊريس آهي، اسان بار ايسوسئيشن کي به درخواست ڏني پر ڪو به جواب ناهي مليو، عدالت کي استدعا آهي ته هنن جي ڊريس بدلي ڪئي وڃي، درخواست ۾ سنڌ حڪومت، ٽرانسپورٽ جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر پنڪ سروس بس کي ڌر بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.