تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهو نظرانداز آهن: وسند ٿري

گهوٽڪي (ڊ ر) عوامي تحريڪ ضلعي گهوٽڪي جو اجلاس ضلعي صدر جمال ڀٽو جي صدارت هيٺ ڏهرڪي ۾ ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنين پاران مقامي نوجوانن کي نظرانداز ڪري ڌارين کي ڀرتي ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو ته گهوٽڪي سميت سموري سنڌ ۾ جتان تيل، گئس ۽ ڪوئلو ڪڍيو وڃي ٿو، اتي ڪمپنين کي پابند بڻايو وڃي ته مقامي نوجوانن کي اوليت جي بنيادن تي روزگار ڏين. ھن چيو ته رايلٽي مقامي ماڻهن تي خرچ نٿي ٿئي، ٻڌايو وڃي ته ڪمپنين ڪيترو ڪمايو، ڪيتري رايلٽي ڏني ۽ اها ڪٿي خرچ ٿي. اتر سنڌ ۾ جي ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي. ڌاڙيل راڄ ۽ قبائلي دهشتگردي جي ڪري امن امان، معيشت ۽ تعليم تباهه آهي. پوليس  انتظاميا مڪمل طور تي ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪري ٿي، 27هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش کي سنڌ جو عوام مٽي ۾ ملائي ڇڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.