بلاول،پرويز اشرف ۽ ٻين پاران گوادر هيليڪاپٽر حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) گهرو  معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي گوادر ۾ نيوي هيليڪاپٽر جي حادثي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه گهرو  وزارت مان جاري بيان مطابق نگران وفاقي وزير چيو ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ پاڪ بحريه جي ٻن آفيسرن ۽ هڪ جوان جي شهادت تي انتهائي ڏک پهتو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف گوادر ۾ پاڪ بحريه جي تربيتي هيليڪاپٽر کي پيش آيل حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ، هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هيليڪاپٽر حادثي ۾ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوان جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو به اظهار ڪيو.

ناسا جا 4 خلاباز عالمي خلائي اسٽيشن تي ڇهه مهينا رهڻ بعد واپس زمين تي اچي ويا

فلوريڊا(م ڊ) ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو-6 جا 4 خلاباز عالمي خلائي اسٽيشن تي ڇهه مهينا رهڻ بعد واپس زمين تي اچي ويا آهن.گذريل ڏينهن سپيس ايڪس  ڪريوڊريگن ڪيپسول تي سوار خلاباز فلوريڊا جي سامونڊي ڪناري ويجهو حفاظت سان لٿا.  ناسا ۽ سپيس ايڪس جي گڏيل طور هلائيندڙ ڪريو-6 مشن جا 4 خلاباز زمين تي واپسي لاءِ آچر تي صبح جو خلائي اسٽيشن تان روانا ٿيا، عملي 13 فوٽ ويڪري ڪريو ڊريگن گاڏي کي جيڪسن ويلي، فلوريڊا جي سامونڊي ڪناري کان پري پنهنجي هدف تي ڪاميابي سان لينڊ ڪيو.

حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست

ڪراچي (رپورٽر) حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ايس ايس پي سائوٿ کي ڏني وئي، ڪراچي تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ  جي گرفتاري تي ڊي ايس پي، ايس ايڇ او پريڊي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ علي پلھ پاران ڏني وئي آهي، حليم عادل شيخ جي گرفتاري خلاف درخواست پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علي پل ايڊووڪيٽ ايس ايس پي سائوٿ ڪراچي کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.