ڪراچي(م ڊ) بي بي سي راڻي پور ۾ ڪيترن ئي خاندانن سان ملاقات ڪئي آهي جن جون ڌيئرون گذريل ڪجهه عرصي ۾ حويلي ۾ ڪم ڪري چڪيون آهن. هنن ڇوڪرين حويلي جي زندگي بابت دل ڏاريندڙ انڪشاف ڪيا آهن.ڳوٺ علي احمد ڦورو جي رهواسي نسرين(فرضي نالو) به ان ئي حويلي ۾ ڪم ڪندي هئي جتي فاطمه کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. سندس چوڻ آهي ته هو فاطمه تي تشدد جو اکين ڏٺل شاهد آهي ۽ سندس دعويٰ موجب کيس به تشدد جو نشانو بڻايو ويو.نسرين جي دعويٰ آهي ته جيڪڏهن فاطمه کان گهر جي ڪمن ۾ ڪا ننڍڙي به غلطي ٿي ته بيبي کيس چوندي ته مان تنهنجو رت پيئندس، توکي ماري ڇڏيندس. بيبي اسان کي گرم پاڻي پيئڻ لاءِ چوندي هئي، بچيل ماني کائڻ لاءِ ڏيندي هئي، اسان کي رات جو چار پنج وڳي سمهڻ ڏنو ويندو هو، جڏهن ٻار سمهندا هئا. صبح جو ڏهين وڳي اٿندا هئاسين. تشدد کانپوءِ بيبي اسان کي چوندي هئي ته مون کي کلايو، نچايو، هڪ ٻئي سان وڙهو، بي بي سي موجب ان حوالي سان پير اسد جي سهري فياض شاهه ۽ سندس وڪيل سان به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن انڪار ڪيو، جنهن بعد پير سراج دستگير جي گهر وياسين.گهر جي ٻاهران ٻه وڏيون گاڏيون بيٺيون هيون جڏهن ته هڪ گهوڙي ڪنڊ ۾ بند هئي ۽ ٻه وڏا نگهبان ڪتا موجود هئا.اسان کي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ’سائين‘ آرام ڪري رهيو هو. پوءِ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ٻڌايو ويو ته نوڪر موڪليا ويا آهن منجهند جو ٽي وڳي ٻڌايو ويو ته هو ناشتو ڪري رهيو آهي، پوءِ نماز لاءِ چيو ويو ۽ پوءِ خبر پئي ته هو هليو ويو آهي، ان ڪري ملاقات نه ٿي سگهي.درگاه جي بازار عام ڏينهن تي ڀريل هوندي آهي پر هاڻوڪي ڏينهن ۾ خميس ۽ جمعي جي ڏينهن به ويران رهندي آهي۽ فقط چند زائرين ۽ عقيدتمند نظر ايندا اچن ٿا خيرپور پوليس فاطمه جي قتل ڪيس ۾ هن وقت تائين رڳو هڪ جوابدار پير اسد شاهه کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته سندس گهرواري حنا شاهه ۽ پيءُ فياض شاهه فرار آهن.ڊي اين اي رپورٽ، آخري پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ حويلي مان ورتل سي سي ٽي وي فوٽيجز جي فرانزڪ رپورٽ به اڃا اچڻي آهي.
پير ٺاهه لاءِ پيغام پيا موڪلين، کين معاف نه ڪنديس:شبانه ڦرڙو
ڪراچي(م ڊ) شهيد فاطمه ڦرڙو جي والده شبانه ڦرڙو چيو آهي ته مون پنهنجي ڌيءَ فاطمه کي پير صاحب جي ٻارن سان کيڏڻ لاءِ موڪليو . پوءِ ڇو سندس لاش واپس ڪيو ويو. مان پير ۽ بي بي کي ڪڏهن به معاف نه ڪنديس،شبانه اها دانهن هر ايندڙ ويندڙ صحافي، انساني حقن جي ڪارڪن ۽ تحقيقي پوليس آفيسر کي ڏئي ٿي،هن چيو ته پير فياض چيو ته فاطمه کي حويلي ۾ ڇڏي ڏيو، هوءَ ٻارن سان کيڏندي. مون ان کي منع ڪندي چيو ته تنهنجي ڌيءَ سخت طبيعت جي آهي، جنهن تي پير فياض چيو ته نه، هو ڇوڪريءَ کي خوش رکندي،هن چيو ته حويلي جي دروازي کان ٻاهر پنج ست منٽن جي ملاقات ٿي. فاطمه سان گڏ هڪ نوڪرياڻي به هئي جنهن تي نظر رکڻ لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرا به لڳايا ويا هئا. ان ڪري فاطمه نه ڪجهه ٻڌايو ۽ نه ڪنهن درد جو ذڪر ڪيو. سندس چوڻ موجب کيس فاطمه جي نوڪري جا ٽي هزار رپيا ملندا هئا، بي بي سي موجب شبانه آخري ڀيرو 28 جولاءِ تي پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ وئي هئي ۽ سندس چوڻ هو ته هن فياض شاهه کي منٿ ڪئي ته خاندان ۾ شادي آهي، تنهن ڪري فاطمه کي به پاڻ سان گڏ وٺي وينديس، پر فياض شاهه نه مڃيو ۽ پوءِ هوءَ واپس هلي وئي.شبانه جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان فاطمه کي دفن ڪيو ته سندس هٿن ۽ ڳچيءَ تي تشدد جا نشان هئا. وار پٽيل هئا، جڏهن ته هڪ ٻانهن به ڀڳل هئي، اسان فاطمه جا زخم ته ڏٺا پر مٿس ڪيل ظلم نه ڏٺو. فاطمه ڦورو جي ماءُ جو چوڻ آهي ته کيس سمجهوتي لاءِ پيغام اچي رهيا آهن پر هو فاطمه جي رت جو سودو نه ڪندي.هوءَ چوي ٿي ته مان ايتري ته ڪاوڙيل آهيان جو پير جو ڳلو دٻائي ڇڏيان
نگران گهرو وزير پاران فاطمه جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ جو اعلان
ڪراچي: نگران گهرو وزير برگڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته نياڻي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ مک جوابدار اسد شاهه جون ٻه الڳ الڳ ڊي اين اي ٽيسٽون ڪرايون آهن هڪ ڪراچي ليب ۽ ٻي لاهور ليب ڏانهن چيڪ اپ لاءِ موڪلي وئي آهي هن چيو ته ان ڪيس کي مان پاڻ ڏسي رهيو آهيان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو ۽ فاطمه جي پونئيرن کي پورو انصاف ڏنو ويندو ۽ ڪنهن کي به جرئت ناهي جو ان ڪيس ۾ ڪير مداخلت ڪري جيڪڏهن ڪنهن به اهڙي جرات ڪئي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.
فاطمه ڪيس ۾ سوشل ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو: ايس ايس پي خيرپور
ڪراچي: ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او راڻيپور ڪارروائي لاءِ فاطمه جي ماءُ وٽ ويو پر هن چيو ته سندس ڌيءَ بيمار آهي ۽ دوائون به ڏيکاريون پر بعد ۾ سوشل ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو. پوليس ٻيهر ماءُ سان رابطو ڪيو، جنهن بعد هوءَ ڪيس داخل ڪرڻ تي راضي ٿي وئي.
فاطمه ڪيس ۾ پوليس جو ڪردار لڳاتار سواليه نشان بڻيل
ڪراچي: ايس ايس پي روحل کوسو جو چوڻ آهي ته جاچ ۾ اڳڀرائي ٿيندي ۽ جيڪي به ان ۾ سامهون ايندا انهن کي گرفتار ڪيو ويندو.ٻئي طرف فاطمه ڪيس ۾ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاريا پيا وڃن، جنهن ۾ هڪ سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون نه اچي ها ته ڇا اهي حقيقتون ڪڏهن سامهون اچي ها؟
پير اسد شاهه تي الزام ثابت ٿئي ته ڀلي سزا ڏني وڃي:خليفو فياض حسين
ڪراچي: درگاهه تي هڪ خليفي فياض حسين واٺيو سان ملاقات ڪئي، جنهن کي پوليس گرفتار ڪيو پر بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي هن خاندان کي بدنام ڪري پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا،سائين وڏي چيو ته جيڪڏهن الزام ثابت ٿي وڃي ته راڻيپور جو ڪو به مريد اسد شاهه کي ڦاسي ڏيڻ جي راهه ۾ نه رڪاوٽ نه بڻبو،