اسلام آباد(م ڊ) پندرهن مهينن جي حڪومت دوران مسئلا حل نه ڪرڻ، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ عوامي ڪاوڙ سبب نواز ليگ اندر بي چيني وڌي وئي آهي، نواز ليگ قيادت لنڊن ۾ هجڻ سبب هيٺين قيادت ۽ ڪارڪنن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته قيادت کي مهانگائي ۽ ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل عوام کي منهن ڏيڻ ۽ ساڻن رابطي ۾ رهڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته نواز ليگ قيادت کي ملڪ اندر موجود رهڻ گهرجي. هوڏانهن خواجا آصف چيو آهي ته نواز شريف ڀلي آڪٽوبر ۾ اچي، پر شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار جلد اچي وڃن. هن چيو ته اليڪشن جي تاريخ ۾ دير سبب نواز شريف جي شيڊيول ۾ دير ٿي. نواز شريف آڪٽوبر جي ٻئين هفتي ۾ واپس اچي ويندو. اسان بي اعتمادي جي نتيجي ۾ آيا هئاسين. صورتحال اهڙي طرح سنڀالجي نه سگهي جهڙي عوام کي اميد هئي. اسان مسئلا حل نه ڪري سگهياسين، اها ناڪامي آهي. صرف اسان ذميوار ناهيون. بي چيني جو حل اهو آهي ته عوام ۾ رهيو وڃي. کنڊ برآمد ڪرڻ تي زرداري صاحب زور ڏنو هو. خواجا آصف چيو ته اسحاق ڊار کي خبر نه هئي ته تباهي جو ڍير آهي.