ڪراچي واسين لاءِ بجلي وڌيڪ 10 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد(م ڊ)ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 32 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي. نيپرا کي جمع ڪرايل  درخواست ۾ 23-2022ع جي ٽن مختلف ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽس جي مد ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي. حڪومت پاران نيپرا کي جمع ڪرايل درخواست ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ 47 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جولاءِ کان سيپٽمبر 2022ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ 4.45 رپيا في يونٽ وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. نيپرا کي جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وصوليون سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 2023 ۾ ٿيڻيون آهن، ڪي اليڪٽرڪ تي به اپريل-جون ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ لاڳو ڪرڻي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.