ڪراچي جي نجي اسڪول ۾ پرنسپال طرفان 4کان وڌيڪ ليڊي ٽيچرز سان زيادتي، گرفتار

ڪراچي/ ملير (رپورٽ: حفيظ شيخ/ جميل چانڊيو) ملير جي علائقي گلشن حديد ۾ اسڪول پرنسپل پاران چئن کان وڌيڪ ليڊي ٽيچرس سان زيادتي جو انڪشاف، وڊيو وائرل، پوليس پرنسپل گرفتار ڪري ورتو، گلشن  حديد فيز 2 ۾ قائم نجي آءِ جي ايم اسڪول جي پرنسپل عرفان غفور ميمڻ پاران ليڊي ٽيچر سان زيادتي جون وڊيو وائرل، اسٽيل ٽائون پوليس جوابدار عرفان غفور ميمڻ کي گرفتار ڪري 24 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري ورتا، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير حسن سردار نيازي قائدآباد آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گلشن حديد ۾ قائم نجي آءِ جي ايم ايجوڪيشن اسڪول سسٽم جنهن ۾ پرائمري کان ميٽرڪ تائين ٻارڙن کي تعليم ڏني ويندي هئي ان جي مالڪ پرنسپل عرفان غفور ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اتي ٻارڙيون خاص ڪري ليڊي ٽيچر سان غير اخلاقي حرڪتون ڪيون وينديون هيون جن جي سي ٽي وي ڪيمرا ذريعي رڪارڊنگ پڻ ٿيندي هئي پوليس کي جيئن ئي واقعي بابت ڄاڻ ملي ته پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ انسان جي روپ ۾ لڪل وحشي عرفان غفور ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ان لاءِ متاثر ليڊي ٽيچرز سان رابطي لاءِ ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي تشڪيل ڏني آهي ان ڪميٽي ۾ عورت پوليس آفيسر پڻ شامل هونديون ته جيئن اهي بهتر نموني سان پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي سگهن، ايس ايس پي حسن سردار نيازي وڌيڪ چيو ته سي سي ٽي وي وڊيوز هٿ ڪيون ويون آهن جنهن ۾ متاثر چئن کان پنج ليڊي ٽيچر آهن 24 کان وڌيڪ وڊيوز آهن جيڪي مختلف رخن کان آهن هن چيو ته وڊيو خود هڪ اعتراف آهن جنهن سان جاچ اڳتي وڌندي، هن چيو ته جوابدار اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته جنهن سي سي ٽي وي فوٽيجز لڳائي ڏنيون هيون ان بابت به جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نٿي سگهيو، پوليس موجب ٿوري دير ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو، گلشن حديد اسڪول واقعي جو سنڌ جي گهرو وزير پاران نوٽيس، ٽن ڏينهن اندر رپورٽ طلب، جاچ ڪميٽي قائم، جڏهن ته تعليم جي صوبائي وزير پاران واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا اڄ گلشن حديد پهچي جاچ جو عمل شروع ڪندي، گلشن حديد اسڪول واقعي جا نازيبا وڊيو ايس ايس پي ملير پاران صحافين کي پڻ ڏيکاريا ويا جنهن ۾ جوابدار عرفان غفور ميمڻ جا فوٽيج واضح طور تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.