ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل 2 ڄڻن کي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ مان 10 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل فاروق قمبراڻي ۽ الله رکيو قمبراڻي کي پوليس دراني مھر جي ڪچي مان  مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب دراني مھر جي ڪچي ۾ مغوين کي ڏوھاري ٻئي ھنڌ منتقل ڪن پيا ته پوليس خفيه اطلاع تي دراني مهر ڪچي واري علائقي ۾ پهتي ته مقابلو ٿي پيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوھاري ٻنھي مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ هو ته پوليس جو مسلسل ڪچي ۾ آپريشن سبب مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي آھي، ڏوھارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، جلد ٻين مغوين کي به بازياب ڪرايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.