حيدرآباد (رپورٽر) ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني، اغوا ۽ ڦرلٽ جي وارداتن خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون اترادي ارڏو، سرفراز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪشمور بدامني وڌي وئي آھي، ڏينهن ڏٺي جو غريب ماڻھن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته چوريون ۽ ٻيا کوڙ سارا ڏوهه سرعام هر روز جي بيناد تي ٿي رهيا آھن، هنن چيو ته پوليس ڪجهه به ٿي ڪري سگهي، ڏوهارين وٽ اهڙا جديد هٿيار آھن جيڪي پوليس وٽ به نه آھن، هنن چيو ته ڪشمور ۾ ڦرلٽ ۽ اغوا جي ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهو پريشان آهن، وڏيري ۽ جاگيردار کي ڪڏهن به ڪو نقصان ناهي ٿيو، ڌاڙيل غريبن ۽ مسڪينن کي اغوا ڪرڻ بعد ڳري رقم جي گهر ڪن ٿا، ڪيترن ئي ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻائي اتان جي عوام جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جو نتيجا ڏيندڙ آپريشن ڪرائي غريبن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.