نگران گهرو وزير طرفان سنڌ ۾ وڏي آپريشن جو اعلان

ٺٽو (م ڊ) نگران گهرو وزير حارث نواز طرفان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جلد وڏي آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير حارث نواز چيو ته باڪردار سٺن ماڻهن کي لڳائي رهيا آهيون، اڄ يا سڀاڻي نوان آفيسر اچي ويندا، صوبي ۾ آفيسرن جي تبديلين بعد اوهان کي ايڪشن نظر ايندو، ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي امن جو گهوارو بڻائينداسين، هن چيو ته گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، راڻيپور واقعي بعد سنڌ جي درگاهن جو سرچ آپريشن ٿيندو، راڻيپور واقعي بعد سنڌ جي  سمورين درگاهن جو سرچ آپريشن  ڪيو ويندو، درگاهن جو سرچ آپريشن سميت خانگي ماڻھن وٽ موجود درگاهن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويندو، شھيد فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس معاملي  تي اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي نه وري  ڪو دٻاءُ برداشت ڪنداسين، هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بدامني جي هلندڙ لهر کي روڪڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ايس ايس پيز جون سوچي سمجهي بدليون ڪري رهيا آھيون، ايماندار آفيسرن جي ڇنڍڇاڻ ٿئي پئي، ڪنهن به منشيات فروش ۽ ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو، حارث نواز چيو ته شھيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي اسان کي خبر آھي، عام چونڊون وقت تي ٿينديون، اسان ڪڏھن به سياسي انتقامي ڪارروائي جو حصو نه بڻجنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.