لاڙڪاڻو (ڊر +پ ر) سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪري سنڌي هندن کي ٽارگيٽ ڪري اغوا ڪرڻ خلاف ڌرم شالا کان لاڙڪاڻو پريس ڪلب تائين هندو پنچائت جي احتجاجي ريلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، علي محمد وڪو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي 15 سالن جي دور حڪومت ۾ آئين، قانون ۽ انساني حقن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو آهي. سنڌ ۾ سمورا بنيادي آئيني انساني حق اڻ اعلانيل طور معطل ٿيل آهن،رياستي سرپرستي ۾ ڌاڙيلن سنڌي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي هندن جو اغوا انتھائي شرمناڪ عمل آهي. ڌاڙيل شهرين کي ناحق باندي بڻائي انھن جون وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکي مغوين جي وارثن کان ڪروڙن روپيا اوڳاڙي رهيا آهن. پوليس انھن ڌاڙيلن جي سهولت ڪار بڻيل آهي. سنڌ پوليس سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ جي ڌاڙيلن رياست جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ سان گڏ رياستي مفادن کي سخت هاڃو رسايو آهي پر قانون نافذ ڪندڙ ادارا اگھور ننڊ ستل آهن. سنڌي عوام کي ننڌڻڪو ماريو، لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف فيصلا ڪن آپريشن ڪري سنڌ کي ڌاڙيلن کان پاڪ بڻايو وڃي. ڌاڙيلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن.