نگران حڪومت ننڍن صوبن جي وسيلن جي نيلامي، زمينن جي وڪري لاءِ آندي وئي آهي: عوامي تحريڪ

نصير آباد /موندر لاکا (ن ع آ+ پ  ر) نصير آباد لڳ ڳوٺ موندر لاکا ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ گلزار کوھارو جي چاليهي جو پروگرام ۽ جلسي عام ٿي گذريو. جلسي عام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال  جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماہ نور ملاح، ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ چانڊيو، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر عرفان منان، ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مهيسر، علي حسن وڪو، سنڌو ملاح، رفيع لغاري، عباس کوکر ،حميد انقلابي، اياز جمال چانڊئي، محسن اياز، مختيار کونھاري، پريم کونھاري ۽ ٻين عوامي تحريڪ جي  اڳواڻن، اديبن، دانشورن، صحافين، نامور قلمڪارن، وڪيلن، شاگرد، هاري ۽ مزدور اڳواڻن خطاب ڪيو. جلسي عام کي خطاب ڪندي لال جروار چيو ته گلزار کوھارو عوامي تحريڪ جو بهادر اڳواڻ هيو، هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل وفاقي حڪومت اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو قيام ڪري ملڪ جي ننڍن صوبن جي وسيلن، معدنيات ۽ زمينن کي وڪڻڻ جو خطرناڪ منصوبو جوڙي عوام دشمني جا پويان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ملڪ جي نگران حڪومت ننڍن صوبن جي وسيلن جي نيلامي، زمينن جي وڪري ۽ ادارن کي خانگائڻ جي ڪاروبار وڌائڻ لاءِ آندي وئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتداري حوس ۾ سنڌ جي زمينن کي وڪڻڻ سان گڏ ڊجيٽل آدمشماري جي روپ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو هر طرفو بندوسبت ڪري ڌارين جي لوڌ آڻي سنڌين کي بي وطن ڪري ڇڏيو آهي،نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ آدمشماري کي پھرين ڏينھن کان رد ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي ننڍن صوبن کي آدمشماري تي سخت اعتراض آهن. ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي سموري اقتداري دور ۾ سنڌ کي بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ دهشتگردي کانسواءِ ڪجھ به ناهي ڏنو، ستار رند چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏ سنڌ جي حصي جي پاڻي مان ناجائز طور ڌاڙا هڻي پنجاب جي غير آباد زمين آباد ڪئي پئي وڃي، ماه نور ملاح چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جاگيردارن کي مچائي مواڙ ڪري سنڌي عورت لاءِ قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.