ڪراچي (م ڊ) کنڊ جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، مختلف شهرن ۾ کنڊ جي ڊبل سينچري مڪمل، في ڪلو 200 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي، حڪومتي اعلان ۽ نوٽيس منافعي خورن کي لغام نه وجهي سگهيا، بجلي ۽ پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌ بعد مهانگائي عوام کان دانهون ڪڍي ڇڏيون، کنڊ به پنهنجي ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي، ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه گهٽجڻ بدران وڌي رهيو آهي، ڪوئٽا ۾ کنڊ جي قيمت ۾ واڌ کانپوءِ 205 رپيا في ڪلو ٿي وئي، هڪ هفتي دوران ڪوئٽا ۾کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 35 رپين جو اضافو ٿي چڪو آهي، پشاور ۾ به کنڊ جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافو ڏٺو ويو، پشاور جي عام مارڪيٽن ۾ 100 رپيا في ڪلو ملندڙ کنڊ هاڻي 200 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت 178 رپيا في ڪلو ۽ ريٽيل مارڪيٽ ۾ 200 رپيا ڪلو تائين پهچي وئي، سکر، ميرپورخاص، نواب شاهه، لاڙڪاڻو ۽ نواب شاهه ۾ به کنڊ جي ڊبل سينچري ٿي وئي آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته غريب مري رهيا آهن، ڪنهن کي به انهن جي پرواهه ناهي، عوام جو نگران حڪومت کان رليف جو مطالبو ڪيو ويو آهي.