ڪجهه نه کپي، گٽرن تي ڍڪ لڳايو: فوتي ٻارڙي جي امڙ

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ ٻه ڏينهن اڳ گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل چار سالن جي ٻارڙي عمر جي امڙ عملدارن کان گهر  ڪئي آهي ته مون کي ڪجهه نه گهرجي، بس گٽرن جا ڍڪ لڳايا وڃن، ڪنهن ٻي امڙ جي هنج اجڙڻ کان بچايو وڃي، شهر ۾ کليل گٽر آءِ ڏينهن قيمتي جانيون ضايع ڪري رهيا آهن پر انتظاميا هن وقت تائين شهر ۾ کليل گٽرن تي ڍڪ ناهن لڳايا، ڪراچي جي علائقي ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ 14 آگسٽ تي اڍائي ورهين جي ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي پر انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا، پهرين سانحي جي 16 ڏينهن بعد هڪ ٻي بلديه مواچ ڳوٺ ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي عمره بلوچ به کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي، عمر جي ڏکاريل امڙ چوي ٿي ته ڪا به قانوني ڪارروائي نٿي ڪرڻ چاهيان، صرف ايتري درخواست آهي ته کليل گٽرن تي ڍڪ رکيا وڃن، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.