ڪراچي ۾ بائيڪيا هلائيندڙ نوجوان جو پوليس خلاف احتجاج، موٽرسائيڪل کي باهه

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پوليس جي رويي کان تنگ ٿي شهري پنهنجي موٽرسائيڪل ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ساڙي ڇڏي   تفصيل موجب ڪراچي جي شهري پوليس جي رويي خلاف سخت احتجاج ڪندي پنهنجي موٽرسائيڪل کي باهه ڏئي ڇڏي. بعد ۾ پوليس کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.ان سلسلي ۾ پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪينٽ اسٽيشن ويجهو ڪجهه عرصو اڳ شهري جو ڪنهن سان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تي شهري 15 مددگار تي پوليس کي فون ڪيو هو. شهري پنهنجي بيان ۾ الزام هنيو ته ون فائيو جي پوليس اهلڪارن مون تي تشدد ڪيو، ون فائيو جي پوليس چئي رهي هئي ته مان شراب پي رهيو آهيان. هن چيو ته موٽرسائيڪل، اهلڪارن مون کان پئسا ۽ موٽرسائيڪل جا ڪاغذ کڻي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ اهلڪار موبائيل فون وغيره کڻي ويا. فيريئر پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پوليس اهلڪارن موبائل فون وغيره کسي ورتي فيريئر ٿاڻي تي داد فرياد نه ٿي ته شهري پنهنجي موٽرسائيڪل ساڙي ڇڏي موٽرسائيڪل ساڙيندڙ شهري آن لائن بائيڪ سروس رائيڊر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.