ڀان سيدآباد ( رپورٽ :آدم مينگل)اڳوڻي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جلد اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪري، آئين ۽ قانون موجب اليڪشن ٿيڻ گهرجي، پيپلز پارٽي اليڪشن لاءِ مڪمل تيار آهي،اهڙو اظهار هن ڀان سيدآباد ۾ ٽائون ڪاميٽي چيئرمين محمد صديق ميمڻ پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته آصف زرداري پنهنجي ڏوهٽي سان ملڻ دبئي ويو آهي، زرداري صاحب گهڻي ٽائيم کان دبئي وڃڻ چاهيو پئي پر مصروفيتن سبب نه وڃي سگهيو، آصف زرداري جلد پاڪستان ايندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ جي اڳواڻن جي گرفتاري ۽ ٽاپ لسٽ ۾ نالن بابت صرف ميڊيا ۾ ئي ٻڌون پيا باقي اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، اسان اليڪشن جي تياري ڪري ڇڏي آهي، پنجاب ۾ هن ڀيري پيپلز پارٽي وڌيڪ سيٽون کڻندي، اڳوڻي وڏي وزير چيو ته حڪومتي دور کان به وڌيڪ عوام هاڻي منهنجو استقبال ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنج سال عوامي مسئلا حل ڪيا، صوبي اندر نوڪريون ڏيڻ چاهيون پر مخالفن عدالت مان اسٽي آندو، انشاء الله ايندڙ حڪومت پ پ ٺاهيندي ۽ عوامي مسئلا حل ڪنداسين، ان کان اڳ سيد مرادعلي شاهه پير شاخ کان ڳوٺ ڀنڀڻ پهتو جتي آصف علي ميمڻ، محمد شريف ڀنڊ، شفيع محمد ميمڻ پاران گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو، بعد ۾ درگاه سخي سيد طالب حسين شاهہ بخاري تي حاضري ڀري چادر چاڙهي دعا گهري، مرادعلي شاهه وڏيرو لقمان حسين ميمڻ جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، ۽ بوبڪ ۾ مخدوم ضمير حسين پاران منعقد ڪيل آجياڻي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.