سنڌ جي تيرنھن لک ايڪڙ زمين ڌارين کي نه ڏني وڃي: سنڌي ھاري تحريڪ

ڪوٽ غلام محمد (ن ع آ) سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ملڪ رياض کي ڏيڻ کانپوءَ ھاڻي جديد زراعت  جي نالي ۾ سنڌ جي تيرنھن لک  ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪرڻ جا سانباھا ٿي رھيا آھن جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان جي وحدت تي وار برابر سمجھون ٿا،اھڙو اظھار سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري سنڌي ھاري تحريڪ تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ طرف حڪمرانن سنڌ جو پاڻي بند ڪري ھٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي ٻي پاسي سنڌ جي زرعي زمينن تي مسلسل قبضا ٿي رھيا آھن. ھڪ پاسي لکين ھاري بيروزگار پيا ٿين ۽ انھن کي زمين تان بيدخل ڪيو پيو وڃي تہ ٻي پاسي سنڌ ۾ اناج جي کوٽ جو بدترين انديشو ٿي ويو آھي. سنڌي ھاري تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ جون زمينون ڪنھن به نالي ۾ ڌارين کي ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.