سنڌ زراعت صنعت ۽ معدني وسيلن سان پوري دنيا ۾ شهرت يافته ڌرتي هئي اڃا به آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به ساڳئي جوڀن سان رهندي ايندي جو انجو انچ انچ زرخيز زمين ۽ مختلف معدني وسيلن ثقافتي ورثن سان مالا مال آهي. زراعت جو ذڪر ڪبو ته هن اداري جا وقت به وقت اثرائتا سنڌ ۽ آبادگارن جي مفاد وٽان مختلف شعبا وجود ۾ آيا جن سنڌ جي زراعت ۾ مک ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جي آبادگارن ۾ خوشحالي آندي پر اهڙن نفع بخش شعبن کي وقت جي حڪمرانن ۽ سياسي ڪردارن ئي هن روءِ زمين تان مٽائي زمين بوس ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ سنڌ زرعي خوشحالي بدران تباهي طرف ڌڪجي وئي جنهن جو به ته ڪجهه احتساب ٿيڻ گهرجي ها پر انهي ڪري ٿي نه سگهيو جو تباهه ڪندڙ هٿ ڊگها ۽ مضبوط رهيا آهن. هونئن ته زراعت وڏي انگ ۾ مختلف شعبن جي مالڪ رهي آهي ڪجهه قائم و دائم آهن جن تي پوري سنڌ جا ڪامورا ۽ سياستدان پلجن ٿا پر ڪجهه شعبن جو ذڪر ڪبو جيڪي پنهنجو وجود وڃائي هن وقت بي لاڀائتا آهن. ساسو جنهن کي سنڌ ايگريڪلچرل سپلاءِ آرگنائيزر جي نالي سان سڏيو ويندو هو پ پ پ جي پهرين دور حڪومت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي قائم ڪرايو هو ته سنڌ جي آبادگارن کي مارڪيٽ اگهن کان گهٽ رعايتي اگهن تي خالص ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائون ملي سگهن جن جون آفيسون ۽ ڊيپو هر ضلعي ۽ هر تعلقي ۾ ٺهيا نوجوانن کي روزگار مليو ۽ اداري جي ساک وڌڻ لڳي. هي ادارو سيڪريٽري زراعت جي ماتحتي ۾ ڪم ڪندو هو نگراني زراعت وارو وزير ڪندو هو.
ساسو جي قيام بعد آبادگارن ۾ هڪ قسم جو اتساهه پئدا ٿيو. هي اهو دور هو جڏهن ڪڻڪ جون آمريڪي جنسون مارڪيٽ ۾ پهتيون يوريا ڀاڻ پنج کان ڏهه رپيا ٻوري هئي هر آبادگار پئي ورتي ۽ استعمال پئي ڪئي. زراعت جو هڪ انقلاب آيو ۽ سنڌ خوشحالي طرف گامزن ٿي. هن دور ۾ زرعي توسيع وارو اوائلي شعبو مفت ۾ آبادگارن کي ڦوهارو ڪري ڏيندو هو البته دوائن جو ملهه چارج ڪيو ويندو هو جن تي سبسڊي 75 سيڪڙو هوندي هئي جنهن سان ننڍو آبادگار زرعي سهوليتن کان فيضياب ٿيو. وڏي ڳالهه اها هئي جو ملڪ ۾ انوقت ڀاڻ توڙي زرعي دوائن جا ڪارخانا نه هئا ۽ مال پرڏيهه مان گهرايو ويندو هو پوءِ به اهو معياري سستو ۽ سبسڊي تي ملندو هو جنهن تي عالمي ادارن جو ڪو به ڪنٽرول يا ڪو حڪومتي ٽئڪس نه هوندو هو جو هر آبادگار خريد ڪري استعمال ڪندو هو. عالمي ادارا زراعت ۽ آبادگارن جي ڀلائي ۾ مددگار هوندا هئا هن وقت به آهن جو اربين ڊالرن جون رٿائون پاڪستان کي ملن پيون پوء به زرعي ترقي جو ڪو نالو نشان ناهي.
اوائلي دور ۾ زرعي ادارا ۽ شعبا مضبوط هيا. ساسو سنڌ جو هڪ مضبوط ترين شعبو هو جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آبادگارن کي ٻج ڀاڻ زرعي دوائون سستيون پئي مليون. جڏهن ساسو جو عروج آيو ته فوري زوال ڪر کنيو جو سياسي مداخلت جو پهريون ڀيرو آغاز ٿيو. چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي الڳ ڪوٽا ڏئي کين ڪروڙن رپين جو ڀاڻ قرض تي ڏنو ويو جنهن سان هي شعبو تباهي جوڪارڻ بڻيو وقت جا ساسو ڪامورا ته نوڪريون وڃائي ويٺا جيلن ۾ ويا پر اسيمبلي ميمبر جيڪي ڪروڙن جا قرضي رهيا سي بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي آزاد رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو ساسو جي جاءِ نجي ادارن ۽ ڪمپنين والاري جن غيرمعياري دوائن ڀاڻ ۽ ٻج جي ڪاروبار کي هٿي ڏني جنهن سان زرعي پئداوار وڌڻ بدران گهٽجڻ شروع ٿي. هن وقت سنڌ ۾ سون جي انگ ۾ غير معياري ڪمپنيون ۽ انهن جا لکن جي انگ ۾ ڊيلر آهن جيڪي زراعت جي تباهي جا سبب بڻجي رهيا آهن. ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ساسو ته مڪمل طور بند ٿي چڪو آهي پر ان وقت جي اسيمبلي ميمبرن ڏانهن اربين رپين جو رهتون وصول ٿي نه سگهيون جن مان گهڻا اسيمبلي ميمبر ته الله کي پيارا به ٿي چڪا آهن.
جڏهن ساسو جو زوال پئي آيو ۽ انجي بند ٿيڻ جا اهڃاڻ نظر پئي آيا ته سنڌ سرڪار جي سرپرستي ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو جنهن جو سڪرنڊ ۾ هڪ پروسيسنگ پلانٽ قائم ڪيو ويو جنهن جو مقصد آباگارن کي وونئڻن ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن جو تصديق ٿيل معياري ٻج مهيا ڪرڻ هو۔اداري کي هلائڻ لاءِ زرعي توسيع ۽ زرعي تحقيقي شعبن جا زرخيز زرعي فارم جن تي نين جنسن جي ايجاد ٿيندي هئي تن کي سيڊ ڪارپوريشن حوالي ڪيو ويو ۽ اداري جي نگراني غيرتجربيگار روينيو ڪامورن حوالي ٿيندي رهي اربين رپيا پبلسٽي تي خرچ ٿيا سال اڌ مختلف جنسن جو ٻج نڪتو آبادگارن تائين پهتو پر پلانٽ ۾ تربيت يافته انجنيئر ۽ عملو نه هجڻ ڪري پلانٽ بند ٿيندو کلندو رهيو ڪامورا تبديل ٿيندا رهيا پر سيڊ پلانٽ ۽ زرعي فارم فعال ٿي نه سگهيا جو اهي به ڪرپشن جو شڪار ٿيا۔هن وقت هي ادارو موجود ته آهي پر سنڌ جا مقامي سڌريل ٻج سنڌ جي آبادگارن کي نٿا ملن نتيجي ۾ پنجاب جا غير معياري ٻج جڙتو ڪمپنين ۽ ادارن وسيلي هن وقت سنڌ ۾ وڪرو ٿين ٿا جيڪي مهانگا آهن. پنجابي ٻجن جي ڪاروبار تي سنڌ جو واپاري ۽ ڪامورو پلجي ٿو. نٿو لڳي ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن به ڪو عروج ماڻي سگهي. سڪرنڊ سيڊ پلانٽ جي ناڪامي جي ذميواري ڪو ته قبولي ۽ ان تي خرچ ڪيل اربين رپين جو ڪو ته حساب ڏيندو يا ساسو جيان بي حساب رهجي ويندو. سنڌ ۾ هن قسم جا سيڊ پلانٽ اڃا به وڌڻ گهرجن جو سنڌ کي پنهنجي مقامي ٻجن جي سخت ضرورت آهي پر اڳڀرائي ڪير ڪري روينيو جو ڪامورو جنهن کي ڪنهن به قسم جي ڪا ڄاڻ ناهي اهو ڪروڙن اربن جو سيڊ پلانٽ شايد ئي هلائي سگهي۔هن ڪارپوريشن کي هلائڻ لاءِ صلاحيت تجربو ۽ زرعي تعليم گهرجي جيڪا زرعي سائنسدانن زرعي انجنيئرن ۽ زرعي توسيعي ماهرن ۽ زرعي مارڪيٽنگ جي ماهرن وٽ ئي آهي تنهنڪري روينيو جي ڪامورن کان ڪناره ڪش ٿيڻ گهرجي.
سنڌ آن فارم واٽر مئنيجمنٽ لڳ ڀڳ پنجاهه سال اڳ سنڌ آن فارم واٽر مئنيجمنٽ نالي عالمي رٿا تي عمل شروع ڪيو ويو هو ته پاڻي جي اڻاٺ کي نظر ۾ رکندي ڪئنالن شاخن ۽ واٽر ڪورسن وسيلي پاڻي جي زيان کي بچائڻ گهرجي جنهن لاءِ واٽر ڪورس پڪا ڪرائيندڙ آبادگار جو نوي سيڪڙو خرچ حڪومت ادا ڪندي باقي مزدوري جو ڏهه سيڪڙو خرچ آبادگار خود ڀريندو۔هن رٿا وسيلي هڪ ته بيروزگار زرعي انجنيئرز کي روزگار مليو ته ٻئي پاسي پاڻي جي زيان کي روڪڻ لاءِ آبادگارن کي هڪ قسم جي مدد ملي۔هڪ بهترين رٿا ۽ انجي افاديت کي ڏسندي آبادگارن ۾ پنهنجي واٽر ڪورسن کي پڪي ڪرائڻ جو شوق جاڳيو پر سنڌ جي بااثر وڏيرن سياسي ماڻهن هن رٿا ۾ به ٽنگ اڙائڻ شروع ڪئي ۽ هي رٿا هائيجيڪ ٿي بااثرن تائين پهتي جنهن سان هن رٿا جو عالمي پئسو به غلط استعمال ٿيڻ لڳو بيوس آبادگار ٻيهر مايوسي طرف ڌڪجي ويو جيڪي ڪامورن ڏانهن واجهائڻ لڳا جڏهن محترم يونس ڌاڳا هن پروگرام جي نگراني سنڀالي ته ڪجهه عرصي تائين هي رٿا اڳتي وڌي سنڌ ۾ واٽر ڪورس ٺهندي نظر آيا. هن وقت ڪاغذن تي ته هزارين واٽر ڪورس ٺهيل هوندا پر سر زمين تي انهن جو انگ گهٽ هوندو يا وري اهي ٽٽل ۽ اڌورا هوندا جو راڊ مين به ڊي جي ٿيا ۽ عالمي پئسن ۾ شرڪت داري جو سلسلو شروع ٿيو. سڌ ۾ پنج سيڪڙو واٽر ڪورس به مس پڪا ٿيا هوندا۔اهي به شڪايتون عام جام آهن ته وڏي انگ ۾ ٺهيل واٽر ڪورس ڊزائين ۾ نٿا اچن يا اهي هيٺ مٿي هجڻ ڪري انهن ۾ پاڻي جو وهڪرو هڪ ڪرو يا رفتار وارو ناهي ۽ قيمتي پاڻي واٽر ڪورسن جي ڪنارن مان ٻاهر نڪري زيان ٿئي ٿو هن طرف به ڏسڻ جي ضرورت آهي۔حقيقت ۾ صحيح طريقي سان واٽرڪورسن جي سئو سيڪڙو پڪو ٿيڻ سان اڌ کان مٿي پاڻي جو زيان روڪي سگهجي ٿو جنهن سان وڌيڪ ايراضي پوک هيٺ آڻي سگهجي ٿي پر ڪو ته ذميواري کڻي. هن رٿا تحت سنڌ جون وڏي انگ ۾ شاخون به پڪيون ٿيون آهن جيڪو هڪ سٺو سنئوڻ آهي پر پڪي ٿيل شاخن ۾ ماهيو مال وهنجڻ ڪري انهن کي نقصان پهتو آهي يا پهچڻ جو انديشو آهي ڪافي هنڌن تي ته شاخن جا ڪپر ٽٽي چڪا آهن ۽ پاڻي زيان ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ به اپاء وٺڻا پوندا. اهي به شڪايتون آهن ته بااثر ماڻهن واٽر ڪورس پڪي ڪرائڻ لاءِ سرڪار کان پئسا ته ورتا آهن پر اهي خرچ ناهن ٿيا ۽ هڙپ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ رٿا جي ڪامورن جي لاپرواهي يا بدنيتي به شامل آهي. هي شعبو في الحال ته ڪم ڪري رهيو آهي پر آخر عالمي ادارا به ڪيستائين امداد ۽ قرض ڏيندا۔جيڪڏهن سنڌ جو پاڻي زيان کان بچائڻو ۽ وڌيڪ ايراضي پوک هيٺ آڻڻي آهي ته هن رٿا کي منفي روين کان آجو رکڻو پوندو نه ته قيمتي پئسو لڙهي ويندو. هي وقت سنڌ جي زرعي ادارن ۽ شعبن کي ٺاهڻ جو آهي نه تباهه و برباد ڪرڻ جو.