يورپي ملڪ اسرائيلي وزيراعظم تي سفري پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

لبليانا (ويب ڊيسڪ) يورپي ملڪ سلووينيا اسرائيلي وزيراعظم تي سفري پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سلووينيا گذريل سال باضابطا طور تي فلسطين کي تسليم ڪيو هو ۽ هلندڙ سال جولاءِ ۾ اسرائيلي ڪابينا جي وزيرن تي پابندي به هنئي هئي.
سلووينيا جي پرڏيهي وزارت جي اسٽيٽ سيڪريٽري نيوا گراشچ چيو ته ان قدم ذريعي سلووينيا عالمي قانون، انساني حقن جي قدرن ۽ هڪ اصولي ۽ مستقل پرڏيهي پاليسي جي عزم جي تصديق ڪري ٿو.
سلووينيا آگسٽ ۾ اسرائيل کي هٿيارن جي وڪري تي پابندي لڳائي هئي ۽ اسرائيل جي قبضي هيٺ فلسطيني علائقن ۾ تيار ڪئي ويندڙ شين جي درآمد تي به پابندي لڳائي هئي.
نيوا گراشچ موجب حڪومت نيتن ياهو خلاف ڪارروائي ان ڪري ڪئي آهي، ڇو ته مٿس انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزا ۾ جنگي ڏوهن جو الزام آهي، ان فيصلي سان اسرائيلي حڪومت کي واضح پيغام ڏئي رهيا آهيون ته سلووينيا عالمي عدالتن جي فيصلن ۽ انساني قانونن تي مڪمل عملدرآمد جي اميد رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.