ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز جي مفت ورهاست شروع ڪري ڇڏي.
ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پ پ سدائين عورتن کي بااختيار بڻائڻ پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي ۽ هي قدم به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
هن چيو ته عورتن کي اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ رڳو سواري نه پر کين خود مختياري، آزادي ۽ اعتماد ڏيڻ جو عمل آهي ته جيئن اهي تعليم، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ به ڀرپور انداز ۾ شريڪ ٿي سگهن.
سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو به عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا، ٻوڏ متاثرن کي جيڪي گهر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون، انهن جي ملڪيت به عورتن جي نالي منتقل ڪئي پئي وڃي ته جيئن معاشري ۾ کين مضبوط بڻائي سگهجي.
You might also like