معيشت جا سڌارا ۽ ٽيڪس جا ڄار

تحرير: رياض ابڙو 

هڪ عام سروي ڪجي ته جيڪي به بالا آفيسر آهن، جيڪي به چونڊيل ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز، سينيٽرز آهن، جيڪي به وڏا، بنيادي طور جاگيردار آهن جن وٽ سوين ايڪڙ زمينون آهن، وڏن شهرن جا جيڪي به انڊسٽريلسٽ آهن جن وٽ درجنين فيڪٽريون، اهي گروپ آف ڪمپنيز جا ملڪ آهن، ڪجھه  اهڙا صنعتڪار به آهن جيڪي وڏيون يونيورسٽيون ٿا هلائن،  پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جا مالڪ آهن، سيون اسٽار ۽ فائيو اسٽار هوٽلن جا مالڪ آهن، اهي سرمائيدار ٻين ادارن جا به مالڪ آهن، جيڪي وڏا سيڙپڪار آهن، جيڪي به وڏا بلڊرز آهن، جيڪي به پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني آهن جن جو تعداد جيڪڏهن ڳڻيو وڃي ته اهي هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ ٿي ويندا جن جي ماهوار سراسري آمدني تقريبن لکن ڪروڙن کان به مٿي هوندي (آهي)، جيڪي به وڏن شهرن ۾ رهن ٿا، جيڪي به وڏا بزنس مين آهن انهن کان جيڪڏهن حڪومت ماهوار (هڪ دفعي ۾) ڪٽوتي ڪري، واپسي نه ڪرڻ جهڙا پيسا وٺي ۽ ملڪي قرض لاهي، جيڪي به ملازم ٻه ٻه نوڪريون ڪن ٿا، جيڪي ججهي پينشن ٿا کڻن جن جو معاشي بار سرڪاري ناڻي تي لاڳيتو رهندو ٿو اچي، پوءِ اهي جيڪڏهن ڪنهن طرح حڪومت کان لمپ سمپ پيسا وٺن ته جيئن حڪومتي خزاني تان بار جهڪو ٿئي، اهي جيڪي پيسا وٺن انهن مان ڪاروبار شروع ڪن جنهن سان مارڪيٽ ۾ چرپر اچي ۽ خوشحالي ڪَرُ کڻي، هڪ ٻيو مثال فٽ ٿا ڪيون ته آمريڪا ۽ يورپ، انگريز ملڪن سميت جيڪي به آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جهڙا وڏا ۽ ترقي يافتا ملڪ آهن اتي ملازمن جي پگهارن جو انهن رياستن جي مٿان ڪو بار ناهي هوندو پر انهن ملڪن جا ماڻهو ”شارٽ ٽرم“ (ٿوري عرصي) وارين نوڪرين تي ڀروسو ڪندا آهن، ڀاڙن ٿا،  انهن ملڪن ۾ ماڻهن جو هروڀرو انٽرويوز، اخباري اشتهارن ۾ وقت ناهن وڃائيندا، اهي ماڻهو هڪ نوڪري تي سڄي عمر چنبڙيا ناهن پيا هوندا، ائين به آهي ته اهي ماڻهو ٽيڪس گهڻي ڀريندا آهن ۽ ائين به ناهي ته اتان جي حڪومت پنهنجي ناڻي مان انهن ماڻهن کي گهرگهاٽ، گاڏيون بنگلا، ٻارن جي مفت تعليم (توڻي جو اتي تعليم مفت آهي) گهر جا خرچ کاٻار، ٻاهرين ملڪن جا ٽوئرز، حج عمرا،  ميڊيڪل، لانگ ٽرم لون پاليسي، مفت جا ڊرائيور، مفت جا پيٽرول ۽ گاڏين جي ڊيزل جا خرچ، ملازمن جا هروڀرو جا بار، شارٽ ٽرم لون، ڪجھه  ٻيو ناهن ڏينديون، ٿلهي ليکي ٻڌون ته اهي رياستون پنهنجن عسڪري ادارن کي به لفٽ ناهن ڪرائينديون، جيڪي به ماڻهو نوڪريون ڪن ٿا اهي شارٽ ٽرم وارا هوندا آهن انهن تي ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز جي طرز تي لکين روپيا خرچ نه ٿا ڪيا وڃن،  انهن وٽ فوجن جو تعداد ايترو به ناهي هوندو، انهن کي پڪ آهي ته انهن ملڪن سان گڏ جيڪي به بارڊر شيئر ڪن انهن مان انهن ملڪن کي ڪَکَ جو به نقصان نه ٿيندو، ان ڪري اهي ملڪ محفوظ ترين ملڪ آهن ۽ انهن ملڪن جي معيشت گولين ۽ بندوقن ۾ پنهان ناهي، اهي معيشت ائين ٿا سمجهن جيئن گهر ۾ ڪو کاٽو پٽ ڪمائي ايندو هجي ڇو ته گهر ۾ جيتري ڪمائي، آمدني هوندي اوتري عياشي، سک جي زندگي گذاري سگهبي، تيئن ئي معيشت جي آلجبرا به ائين ئي سمجهجي، سمجهائجي ته ملڪ ۾ آمدني جا ذريعا هوندا ته ملڪ خوشحال، ملڪ اندر ڪهڙا ڪهڙا آمدنيءَ جا ذريعا آهن، جي زرعي ملڪ آهن ته انهن ملڪ جي ماڻهن جي زرعي زمينن تي پاڻي جي ورڇ برابر آهي، بين الاقوامي ورڇ مطابق ناهي، ان ڪري ته ساھ سڀني کي آهي ۽ زندگي سڀني کي گذارڻي آهي ۽ صحت سان گڏ تعليم، جيڪي به بنيادي سهولتون آهن انهن تي سڀني جو بنيادي ۽ فطري حق به آهي، ان ڪري ڪنهن کان به ڪير جيئڻ جو حق نه ٿو کسي سگهي.

يا ٻي ڳالھه  اها به آهي ته وينزويلا کان جڏهن 2015 ۾ آمريڪا تيل وٺڻ شروع ڪيو هيو تڏهن انهن ايران ۽ سعوديءَ سان تيل جي امپورٽنگ جا معاهدا ٽوڙي ڇڏيا هيا جنهن جي ڪري 2015 ۾ سعودي ۽ ايران جي تيل جي کپت تي ڪجھه  جهڪائي آئي هئي ۽ انهن تي وري اها پابندي هئي ته اهي سمورو تيل ايشيائي منڊيءَ ۾ کپائن جنهن جي ڪري چين سعودي ۽ ايران سان 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ خام تيل جا معاهدا ڪيا هيا جنهن تي آمريڪا جي برهمي ڏسڻ وٽان هئي، آمريڪا ان ڳالھه  تي راضي به هيو ته 2015 کان پوءِ ايران ۽ سعودي يورپ جي ملڪن ۾ تيل جي رسد گھٽ ڪن پر اهي ئي جڏهن ايشيائي مارڪيٽ ۾ پنهنجو ڌنڌو ڪرڻ لڳا ته آمريڪا انهن کي اکيون ڦوٽاري ڏيکاريون بهرحال هاڻي ته سعودي ۽ ايران چين جا وڏا ايڪسپورٽر به آهن پر ڳالھه  اها به ماري ٿي ته 2030 تائين جيترو زور دنيا جي ڏهن ملڪن تي آهي ته اهي تيل جي استعمال واريون گاڏيون فيڪٽريون ۽ صنعتون بند ڪن، گھٽ ڪن، 30 سيڪڙو گھٽ ۾ گھٽ ٽرانسپورٽيشن ۾ ۽ ساڳيو ئي تناسب صنعتن ۾ ڪري ڏيکارين ته جيئن دنيا جي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مان جان ڇٽي، پر معيشت پوءِ وري ڪي ٻئي بهانا، گُر ڏسندي، سوچيندي، ان ڪري ته صنعتن جي ڪارگر هجڻ، ڪرڻ ۾ جيڪي فيڪٽريون، صنعتون ڪارفرما آهن اهي هلن ئي پيٽرول، تيل، گاسليٽ، ڪيروسين آئل، فرنيس آئل تي ته اهي پوءِ ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز ايڏي وڏي ٽراسنفارميشن، تبديلي ڪيئن آڻيندا، ڪيتري دير ۾ آڻيندا، پاڪستان سميت جيڪي به غريب ملڪ آهن اهي ان ٽرانسفاميشن ۾ گھڻو ٽائيم وٺندا، ڪيترا سال لائيندا.

پر هن عارضي سرڪار جي، ان کان اڳ جيڪي به دائمي حڪومتون آيون ۽ ويون انهن جي نيت ۾ ئي نه هيو ته ملڪ تان ڪو قرض لهي، ملڪ قرضن کان آجو ٿئي، ملڪي معيشت کڻي ساھ پٽي، ملڪي آمدني مڙئي وڌي،  کڻي ايڪسپورٽس وڌن، رڳو گهريلو ضرورتون پوريون ٿين، ايران وانگي اسان به خود ڪار ۽ خود ڪفيل ٿيون، نوازشريف جي دور جي تقريرن جو کڻي جي متن ڪڍون ته اها ڳالھه  سمجھه ۾ ايندي ته ڀارت سان لڙائي لائڻ کانپوءِ اسان کڻي آسمان مٿي تي کنئيو، ايٽم بم ٺاهڻ، ڌماڪي ڪرڻ جهڙا ٿياسين به، پر ان هاٿيءَ کي پالي ڪير؟، ان ليول جي معيشت، معاشي اسڪيمون جيڪي ڀٽي صاحب هلايون ته اهي وري جي هلي پون ها ته به ڀلو ٿئي هان جو اسان صنعتن وارا ٿي پئون هان، ٽيڪنالاجيءَ ۾، ازدها صنعتي مشينن جي ٺاهڻ ۾ جي ڀڙ نه هياسين ته ڇا هيو پر گهرو استعمال جي شين ۾ کڻي ڀڙ ٿيون ها، چائينا وانگي ٿرڊ ڪلاس پروڊڪٽ ڏئي به سگهون هان، چائينا جي شين جي لاءِ چوندآ آهن ته ”نه هلي ته شام تائين به نه هلي، جي هلي پئي ته چنڊ تائين پڄائي“ مهانگو وٺ هڪ دفعو، سستو وٺ روز روز ۽“ ان ڪري ڀلا اهڙي ئي پروڊڪشن به ڪري وٺون هان ته به ڀلو ٿي پئي ها پر اها به همت نه آئي ته گهريلو پيداوار ۾ جي پاڻ ڀرا ٿي پئون هان ته ڪم هلي پئي ها ۽ پنهنجي ماڻهن جو اعتبار به کٽي وٺون ها جو مارڪيٽ ۾ رکيل ”پاڪ ميڊ“ شين تي ڪنهن جي اک ئي نه ٿي ٻُڏي پر برانڊيڊ ۽ امپورٽيڊ شين جي استعمال لاءِ اهي يوزر آتا لڳا پيا هوندا آهن،  سبب اهو به آهي ته اسان وٽ مزدوري، ٽيڪس جا ڄار، سيڪيورٽيءَ جا اشوز، بجلي ۽ گيس جا مسئلا، ٽرانسپورٽيشن ۽ سڀ کان وڌيڪ سياسي اڻبڻت جي ڪري اها پڪ ناهي هوندي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ، مهانگائي جي ريشي جي ڪري صنعتن جا مالڪ هتان کان فيڪٽريون پٽي بنگلاديش وڃڻ پسند ڪن ٿا، نوازشريف وانگي برطانيا، سعوديءَ ۾ صنعتون هڻڻ پسند ڪن ٿا پر ڪير به اسان جهڙي ملڪ ۾ ڪا به فيڪٽري کولڻ ۽ هڻڻ پسند نه ٿو ڪري، ليگل اشوز ايترا ٿي ٿا پون جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان وٺي ٽيڪس ڊپارٽمينٽ، سرڪاري ايجسنين وٽ رڳو معمولي رجسٽريشن جي لاءِ ماڻهن جا نسل کپي ٿا وڃن، جُتي گسي ٿي وڃي جو ڪنهن جي دل نه ٿي چئي ته هن ملڪ ۾ ڪير فيڪٽري به هڻي، ڪير هڻڻ به چاهي پر اسان وٽ مصيبت اها به آهي ته جيڪي ديسي اپت وارو تيل (پيٽرول) آهي اهو به ان ڊالر ۾ ورتل آهي، ٻاهران آندل پيٽرول سان گهرو پيٽرول ملائي کپائن ٿا، بجلي جي ادارن وانگي ته اپت جا هڪڙا ادارا ڪيا اٿن جيڪي بجلي پيدا ڪندا رهن ٿا، ۽ بجلي ڊسٽريبوشن جا ادارا ٻيا ڪيا اٿن ۽ بجلي جا واهپيدڙ وري ٽيان، ان ڪري هر هڪ ڌُر تي ٽيڪس هڻندا ٿا وڃن، ساڳي ڪار هنن پيٽرول سان به ڪئي آهي ته ايڪسپلورنگ وارا ادارا هڪڙا ڪيا اٿن، امپورٽنگ وارا ادارا ٻيا ۽ ڊسٽريبيوشن وارا ادارا وري ٽيان ۽ جيڪي ڪنزيومر آهن ۽ پيٽرول استعمال ڪن ٿا اهي وري چوٿان هوندا، ان ڪري هر ڌُر تي الڳ الڳ ٽيڪس لڳائي ڪم هلائيندا ٿا اچن، جيڪا به ليوي آهي اها سڀ يوزر ڀريندا ايندا،  ٻي حقيقت اها به آهي ته روس سعوديءَ کان به گھٽ اگھه تي تيل فراهم ڪري ٿو جنهن کي آساني سان ملڪ اندر امپورٽ ڪن ٿا پيا پر رياست ان سستي تيل جو فائدو گهٽ ۾ گهٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.