مهانگائي ۽ حڪمرانن جي بي حسي

تحرير: ميان عارف گهنڃو

موجوده وقت ۾ مهانگائي آسمان تي پهچي چڪي آهي عام رواجي واهپي جي شين جون قيمتون ماڻهن جي قوت خريد کان مٿي چڙهي چڪيون آهن غريب جي غربت ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي پيٽرول ڊيزل کاڄرو تيل کنڊ چانور ۽ اٽي جون قيمتون ايتريون ته وڌي ويون آهن جو عام طبقي لاءِ  جيون گذارڻ جي جستجو تمام ڏکي ٿي پئي آهي مٿان وري بجلي جي ڳرن بلن عوام جي زندگي کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي هڪ طرف عوام خودڪشين تي مجبور آهي ته ٻئي طرف اسان جا حڪمران پنهنجين عياشين ۾ پورا آهن اسان جي نگران وزير اعظم بجلي جي ڳرن بلن خلاف عوام جي ڪيل احتجاج تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بل ايترا ڳرا ناهن عوام اجائي واويلا پيو ڪري حڪمران پي ڊي ايم جا هجن يا پي ٽي آءِ جا فوجي ڊڪٽيٽر هجن يا جمهوري حڪومتون انهن لاءِ  سڀ کان پهرين ترجيح پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ پنهنجا خزانا ڀرڻ هوندو آهي عوام ڀلي کڏهه ۾ پوي کوهه پوي. اسان جي موجوده نگران وزيراعظم وانگر ڪجھه  عرصو اڳ جڏنهن اٽو تمام گهڻو مهانگو ٿيو ۽ عوام جي قوت خريد کان وڌي ويو ته احتجاج شروع ٿيا ان وقت به اسان جي هڪ وزير موصوف فرمايو ته جي اٽو مهانگو ٿيو آهي ته ڊبل روٽي کائو هي آهي اسان جي حڪمرانن جي سوچ جن کي عوام جو ڪوبه اهنج ناهي انهن کي اهنج آهي ته صرف پنهنجو.

عوام بک بيروزگاري ۽ بدحالي کان پريشان آهي پيٽ جي بک عزت ۽ آبرو جا سڀ ليڪا لتاڙي چڪي آهي پر هنن بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء به نه ٿي سري مٿان وري اي سي بنگلن ۽ آفيسن ۾ ويهي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪن ٿا ته دال مهانگي آهي ته ڪڪڙ کائو اٽو مهانگو آهي ته ڊبل روٽي کائو يا عوام اجائي واويلا ڪري پيو ڪي به ڳرا بل ناهن آيا هنن حڪمرانن لاءِ  عوام جو درد ڪا حيثيت نه ٿو رکي  جج جرنيل سياستدان ڪامورا ۽ وڏن عهدن تي ويٺل نااهل ماڻهو اڳ ئي ايتريون ته مراعات کڻن ٿا جن جي ڏيڻ جو اسان جو ملڪ متحمل ناهي ۽ اڃا وري وڌيڪ سانباها ڪري رهيا آهن ته اسان جي مراعات ۾ واڌارو ڪيو وڃي تازو سينيٽ ۾ جيڪو سينيٽرن جي مراعات وڌائڻ لاءِ  بل پيش ڪيو ويو هيو سو پڙهي ۽ ٻڌي هر باشعور ماڻهو کي شرم اچي وڃي پر هي آهن جو مقروض ملڪ جيڪو ڏيوالي ٿيڻ جي بالڪل ويجهو آهي منٿون آزيون نيازيون ڪري جنهن ملڪ لاءِ  قرض پني ڪجھه  مهينن جي آڪسيجن مهيا ڪئي وئي آهي تنهن ملڪ ۾ پنهنجون مراعتون ڇڏڻ ته ٺهيو الٽو انهن کي وڌائڻ جي چڪر ۾ آهن سينيٽ ۾ جيڪو بل پيش ڪيو ويو هيو تنهن مطابق سينيٽ چيئرمين کي تاحيات ٻارنهن ملازم ۽ ڇھه گارڊز ملي سگهندا ان کان علاوه تاحيات چارٽر جهاز جي سهولت استعمال ڪري سگهندا ۽ پنهنجن گهر ڀاتين يا دوستن مان چئن ڄڻن کي پاڻ سان گڏ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ سرڪاري خرچ تي وٺي وڃي سگهندا چيئرمين سينٽ کي گهر جي فرنيچر جي مد ۾ پنجاھ لک روپيا ملندا جڏهن ته گهر جي ڪرائي جي مد ۾ پڻ اڍائي لک روپئي جا حقدار ٿيندا توڙي جو هو پنهنجي گهر ۾ رهن.ھي حالتون آهن صرف سينيٽ ۾ ويٺل نمائندن جا جيڪي چون ٿا پهريون ته عوامي نمائندن جي زندگي آسائش سان گذرندي ته پوءِ  عوام لاءِ  ڪجھه  سوچبو ڏٺو وڃي ته ججن جرنيلن عوامي نمائندن ۽ ڪامورن کي جيڪي مراعتون ملن ٿيون انهن جي بدلي هو ملڪ جي لاءِ  ڪجھه  به نه ٿا ڪن لکن جي مد ۾ هائوس رينٽ نوڪر چاڪر تاحيات ملازم بجلي جا فري يونٽ زمينون لکن ۾ پينشن ريٽائرمينٽ کان پوءِ  ٻيون ملازمتون ۽ ايڪسٽينشنن کي هو پنهنجو حق سمجهن ٿا پر بدلي ۾ عوام جي ڪابه خدمت نه ٿا ڪن هي جيڪي ڪرپشن ڪري ڪري پنهنجو وقت پورو ڪن ٿا ۽ وري عوام جو رت چوسي پنهنجي سلطنت کڙي ڪن ٿا تن کي عوام جو ڪوبه اهنج ڪونهي.

موجوده وقت ۾ مهانگائي جو جن بالڪل بي قابو ٿيندو پيو وڃي هر روز وڌندڙ پيٽرول جون قيمتون سڌي طرح روزمره جي زندگي تي اثر انداز ٿين پيون اڳ ۾ سال ۾ هڪ دفعو بجيٽ پيش ٿيندي هئي جنهن ۾ عوام لاءِ  مهانگائي يا سهولتن جو اعلان ڪيو ويندو هو هاڻ ته روز جي بنياد تي انگن اکرن جي ڦير ڦار جو سلسلو هلائي عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي پي ڊي ايم حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي شهباز شريف کي وزير اعظم ڪيو جنهن اچڻ سان چيو ته اسان ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪندا سين ۽ عوام کي رليف ڏيندا سين پر ٿيو ان جي ابتڙ پي ڊي ايم سرڪار پنهنجي تقريبن ڏيڍ سال جي دور ۾ عوام لاءِ  ڪجھه  به نه ڪيو آئيندو عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪيو جنهن سان عام ماڻهو جي زندگي سڌو سنئون متاثر ٿي پي ڊي ايم سرڪار وڃڻ کانپوءِ  نگران حڪومت جا به ساڳيا ئي ڪارنامه آهن عوام ساڳيو سورن ۾ نگران سيٽ اپ اچڻ کان پوءِ  ايندڙ اليڪشن تي پڻ ڪافي سواليه نشان آهن ڪوبه تجزيه ڪار حتمي طرح ڪو تجزيو نه پيو ڪري سگهي ته اليڪشن جو عمل ڪڏنهن ٿيندو ادارن ۾ ويٺل سگهارين ڌرين جي ٽڪراءَ سبب سياستدان پڻ پريشان آهن ۽ اڳوڻي حڪومت جي ڪجھه  سگهارن وزيرن تي نيب پاران داخل ڪيل ڪيس ۽ ڪارروايون پڻ سٽ کي سلجهائڻ بدران منجهائن پيون عوام جيڪو اٽي لٽي ۽ اجهي لاءِ  پريشان آھي تنهن وٽ هن وقت صرف خالي دامن آهي جنهن ۾ به سوين چتيون لڳل آهن سنڌ حڪومت وڃڻ کان اڳ ۾ تڪڙا پروگرام ڪري دعويٰ ڪئي ته اسان ٻوڏ متاثرن جي وڏي سهائتا ڪئي آهي ۽ کين صرف گهوٽڪي ضلعي ۾ پندرنهن هزار جي لڳ ڀڳ گهر ٺهرائي ڏنا آهن پر زميني حقيقت اها آهي جو برسات ۽ ٻوڏ متاثرن تائين گهر ته ٺهيو گهرن جي مد ۾ هڪ روپيو به جاري ناهي ڪيو ويو جن جا گهر چوديواري يا چوپايو مال برسات ۽ ٻوڏ سبب تباھ ٿيو سي منهن ڀيلڙا ڪري سوچن ٿا ته اسان وٽ ته سرڪار يا ڪنهن اين جي او طرفان هڪ رپئي جي به امداد ناهي پهتي پوءِ  هي ڪهڙا ٻوڏ ۽ برسات متاثر هئا جن کي سرڪار گهر ٺهرائي ڏنا آهن.

عام ماڻهو جنهن لاءِ  جيون جي جستجو کي جاري رکڻ انتهائي ڏکيو ۽ محال ٿي پيو آهي سو انتهائي ڏک درد پيڙا ۽ ڪرڀ جي حالت ۾ اهو سوچي ٿو ته آخر اسان جو ڏوھ ڪهڙو آهي جو حڪمران اسان جي اهنجن ۽ ڏکن کي سمجهڻ بجاء انهن تي لوڻ ٻرڪي خوش ٿين ٿاهنن جا ضمير شايد مرده ٿي ويا آهن جو هنن وٽ پنهنجي لاءِ  ته هر قسم جو آسائشون ۽ سهولتون ميسر آهن پر عام ماڻهو لاءِ  سواء ٺٺول جي ٻيو ڪجهھ به ناهي……….

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.