اھڙي ٿي جو ھوش ئي اڏامي ويا

تحرير: امتياز عالم

”دوکو ٿي ويو“ واري دانھن ۾  مھانگائي جو جن آپي کان ٻاھر ۽ ھر طرف  بجلي، گيس، تيل جي بلن ۽ ضروري شين جون آسمان کي ڇھندڙ  قيمتن  جي دانھن آھي، ان تي ڪو ڪن ڌرڻ وارو ناهي.

نھ ڄاڻ ڪنھن ڪنھن سان ڪھڙو دوکو ڪيو يا وري ڪنھن سان ڪھڙو دوکو ٿي ويو ؟ پر لڳي ايئن ٿو ته هر ڪنهن ڪنھن نھ ڪنھن سان دوکو ڪيو آھي،ائين سڀني سان دوکو ٿي ويو آھي.ڪو اڳي ئي ھٿ مھٽي رھيو ھو ،ڪو ھاڻي ھٿ مھٽي رھيو آھي.مستفيد مان سڀني کان وڌيڪ مستفيد ٿيندڙ ن ليگ وارو بھ آخر ڪار ھٿ مھٽيندا رھجي ويندا.

ائين کڻي چئجي ته سمورن سياسي ۽ رياستي ڪردارن جي هٿن جا طوطا آخرڪار اڏامي ويا آهن. انهيءَ مونجهاري ۾ پتو ناھي ڪٿي، بي بي جمهوريت جو ھوش  گم ٿي ويو آهي، جنهن کي ڪو پڇڻ وارو ناھي. اهڙي صورتحال ۾ ھندستان جي چنڊريان _ٿري  جي چنڊ جي  ڏکڻ اونداهي قطب تي ڪاميابي سان لھڻ تي جتي  سڄي دنيا ۾ ساراهه جا ڍڪ ڀريا پي ويا تھ  سڄي قوم جو ساهه، بٽگرام ۾ الائي جي ھنڌ تي اٽڪيل  چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل 8 ٻارڙن جي زندگيءَ ۽ موت جي ڇڪ ڇڪان ۾ ڦاٿو پيو ھو. جتي هيلي ڪاپٽرز ڪم نه آيا، اتي نوجوانن ۽ مقامي ڪاريگرن جي نسخن ڪم ڪري ڏيکاريو

اهي ٻئي واقعا مان ننڍي کنڊ ۾ ھڪ ئي وقت آزاد ٿيندڙن ٻن ملڪن  جي صورتحال جو آئينو پيش ڪن ٿا. سرد جنگ جي طفيلي اسان کي جديد هٿيار ۽ اوزار ھِتان ھُتان خيرات مان مليا تھ ھندستان خود انحصاري، ميڊ ان انڊيا ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ تربيت يافته افرادي قوت،انٽري پينيرز. پڙھيل لکيل مڊل ڪلاس ۽ اسپيس ايجنسي جي سائنسدانن ڪري ڏيکاريو.ٿوري پاڪستان جي اسپارڪو جي تحت جنھن جو ڪنٽرول اعليٰ  فوجي آفيسرن جي ھٿن ۾آهي،جي ناڪامي جي ڀيٽ  هندستاني خلائي ايجنسي سان ڪريو. جنھن جي ڪاميابين جي پويان، ھندستان  جي سائنسدانن ۽  پنڊت جواهر لعل نهرو کان وٺي نريندر مودي تائين سمورن هندستاني وزيراعظمن جون ڪاوشون شامل آھن. جڏهن ته اسان ايٽمي پروگرام جي باني وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏني ۽ ايٽمي ڌماڪو ڪندڙ وزير اعظم نواز شريف کي عمر قيد جي سزا ڏني.

سو ڳالھھ شروع ٿي ھئي ”دوکو ٿي ويو هو “ سان، تھ ان ۾ ڪنھن کي ڪھڙو ڏوھ ڏيڻو.سياسي جماعتن ۽ رياست جي معززن مان ھر ڪنھن کي پنهنجي اندر ۾ جاچڻو پوندو ۽ جنھن جو جيترو ڏوھ آھي ايترو قبولڻو پوندو. ٻي صورت ۾ دل جي ڳالهه جو پورو ٿيڻ ممڪن ناهي. ڇا ملڪ جون  اھي حالتون آهن جو بحران مٿان بحران مڙھيو وڃي. ڪنهن به معاشي ماهر کان پڇي ڏسو  ته ملڪ جي معيشت جو جيڪو حال آھي اھو ايندڙ ھڪ ڏهاڪي ۾ به سنڀلجڻ  وارو ناهي.

جڏهن ته عوام جو ھجوم تنگ آمد بجنگ آمد  تي مجبور ٿيو آهي. بجلي جا بل موت جو پروانوُ بڻجي ويا آهن. پر پوءِ به گردشي قرض ختم نه ٿيو آهي، جيڪو نه ٿيندو.شھرن ۽ ٻھراڙين ۾  ”بجلي جو بل ڏيڻ يا ماني کائڻ“ جي نعري تي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن، ڏسون  عوام جو لائو  ڪڏھن ٿو ڦاٽي، قوم کي اهو به ٻڌايو وڃي ته بجلي چور ڪير آهن، ڪيترين بند فيڪٽرين کي ڪيپسيٽي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، ٽيڪس نھ ڀريندڙن جو بار ڪئين ٽيڪسن  جي صورت ۾ بجلي جي بلن ۾ ڇو پيو وڌو وڃي ۽ بجلي جي ڪمپينن سان اھي معاھدا جنهن اپيڊ شريف سان ڪيا ويا ھئا.انھن کان  به ڪو حساب ڪتاب ڪيو وڃي.

معيشت سنڀلجي نھ رھي آھي ۽ نھ ئي موجوده سنگين معاشي بحران جو حل آءِ ايم ايف جي هٿ ۾ آهي، ھونئين ،جيڪڏهن آءِ ايم ايف چوي ٿو ته سبسڊي غريبن کي، اميرن کي نه ،ته پوءِ ان ۾ ڇا غلط آهي؟ ۽ ڪنهن به انقلابي حل لاءِ اميرن ۽ انهن جي ڇاڙتا معاشي ماهر تيار ناهن. جڏهن  ”کوڙي کي ئي گھمرو “آھي تھ پوءِ ھر شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ جيڪا ”ون ونڊو“ ”ڪل حڪومت “ کولي آهي، اها مارڪيٽ جي هٿ ۾ نه پر رياست جي لوهي هٿن ۾آهي ۽ انهن لوهي هٿن جا ڪرم اسان ڏهاڪن کان ڏسي رهيا آهيون.انھن کي ڪو قلمڪار سمجھائي بھ  ڪئين سمجھائي، اھي تھ مڃڻ لاءِ تيار ئي ناھن.ھر زبان تي تالو آھي.

ھلو،معيشت تھ وئي هٿن مان، تھ پوءِ ھاڻي سياست جي سموري جوڙ توڙ تي ڇو زور آھي.سويلين ھلي نھ سگھيا يا انھن کي ھلڻ نھ ڏنو ويو، تھ خاڪي بھ ڪئين ڀيرا حڪومتي نظام ڪري ۽ ملڪ کي بدترين حادثن ۽ تباهين جي ڪناري تي پهچائي چڪا آهن. ھاڻي گلا ڪجي تھ ڪنھن سان ڪجي ؟ سياست سڙڻ بعد ڌپ ٿي  وئي آهي ۽ ھر ڪنھن  جا هٿ گند سان ڀرجي ويا آهن. پر ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته رياست جو ساڳيو نظام پنھنجي جاءِ تي قائم آهي. هاڻ جمهوري جھنڊو  ڪير کڻندو، سول سوسائٽي جا نازڪ ڪلھا ھاڻي اھو بار کڻڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪو تھ اڳيان وڌي ڀلا !

عمران خان جنرلن سان گڏجي سمورين پارٽين سان دوکو ڪري ڇڏيو ، جڏهن هن مٿس ھٿ رکندڙن سان دوکي جي ڪوشش ڪئي تھ ساڻس دوکو ٿي ويو. شريف خاندان هٿ ڏيکاريو ته ابتي منهن ڪريو. پوءِ  فوج سان گڏجي عمران خان کي سوڙھو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ سڄي پي ڊي ايم سان دوکو ٿي ويو ۽ هاڻي سڀني جا هٿ پير سنوان ٿي ويا آهن تھ اهي عوام کي منهن ڏيکارڻ جي لائق ناھن رھيا.ھاڻي ڪهڙي منھن سان چون ٿا ته جنهن رياست کي بچائڻو هو، جيڪا ڪڏهن به سندن هٿ ۾ نه هئي، جيڪا ٿوري گھڻي سياست هئي، ان جو به منھن ڪارو ڪيو ويو.

هاڻ جيڪڏهن لنڊن ۾ بغل  وڄايئن به ته ڪئين ، واپسي تي تھ جوتا پوندا يا ھار. خير سان  پيپلز پارٽيءَ کي وساريل جمهوري اصول ياد آيو تھ تيستائين  ته پاڻي سر تان چڙهي ويو آهي. عمران خان جي هائبرڊ رجيم اول جي اندروني خلفشار مان ڪجهه حاصل نه ٿي سگھيو تھ شهباز شريف جي سمجهوتي جي اسپيڊ تي اتحادي حڪومت  وسيع البنياد ھاءِبرڊ  رجيم ٽو، ٿي سھولت ڪار بڻي تھ سموري سويلين اوقات ۽ جمھوري نشان وڃائي ڇڏيا. هاڻي جڏهن  هائبرڊ رجيم ٿري، جي تياري ٿي رهي آهي تھ ، نواز شريف واپسي جي ڪا تاريخ  نھ پئي سمجھي  آهي. ھوڏانھن واري اسان جي سياست جي، پي ايڇ ڊي ڪندڙ آصف علي زرداري جي شطرنج جي وڇائيل راند اکڙي وئي آھي.

ڏئي وٺي بچيو آھي عمران خان تن تنھا ۽ ان جي جماعت جا ڪجھھ مٿي ڦريا جن وٽ مستقبل جي سياست جو ڪو جمھوري عوامي خاڪو آھي نھ ئي وري عوام سان پاسدار جو عھدنامو.ھي ھمراهه نھ چاھيندي ۽ نھ ڄاڻندي بھ بنا ڪنهن حڪمت عملي جي مٿي ٽڪرائيندو پيو وڃي.اجائي ڪاريگري سان ڪو فرق پوڻ وارو ناھي،ڇاڪاڻ جو رياست جو فولادي ڍانچو پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. ته پوءِ جمهوري جھنڊو  ڪير کڻندو ؟ سول سوسائٽي جا نازڪ ڪنڌ اڃا تائين اهو بار کڻڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن سڀ ماڻهو جمهوري پليٽ فارم ڇڏي ويا آھن.تڏھن ڪو تھ اچي جيڪو جمھوري شاھراھ تي ھلڻ جو رستو ڏيکاري.جي نھ تھ غضب جو شڪار عوام ميدان ۾ لھندو تھ پوءِ ڪو بھ نھ ھوندو جيڪو کين بچائي سگھي !

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.