صوفي شاهه عنايت شهيد جو فڪر

تحرير: يوسف سيف

اڄ کان اٽڪل ٽي سئو سال اڳ سنڌ هڪ اهڙي شخص کي جنم ڏنو، جنهن اعلان ڪيو هو ته ”جيڪو کيڙي سو کائي“ جنهن جو مطلب جيڪو شخص محنت، پورهيو نٿو ڪري ان کي ڪنهن غريب، مسڪين، هاري، ناري جي حصي مان ڪنهن به مال ملڪيت کڻڻ ڦٻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اهو اعلان سکڻو نعرو نه هو پر ان نعري جي خالق ان تي عمل به ڪري ڏيکاريو ۽ تڏهوڪي وقت ۾ هڪ وڏي انقلاب جو بنياد رکيو. نتيجي ۾ ڀرپاسي جو عام ماڻهو سندس ان نعري جي جواب ۾ هن جي انقلاب ۾ شامل ٿيندو رهيو. اهو قافلو يا ڪارروان تيزي سان وڌڻ لڳو ته وقت جو حڪمران طبقو حيران ۽ پريشان ٿي ويو، جنهن هڪ سازش هيٺ ان تبديلي جي خالق کي ڳالهين بهاني گهرائي، دوکي سان قيد ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هن کي شهيد ڪيو ويو.

اهو سنڌ جي زرخيز زمين جو املهه هيرو صوفي شاهه عنايت هو. هو 1065 هجري سن ۾ مخدوم فضل الله جي گهر ۾ ميران پور ۾ ڄائو هو. جنهن کي هن وقت جهوڪ شريف جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان واقع ميران پور (جهوڪ) اڄوڪي انتظامي درجه بندي تحت ضلعي سجاول جي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ يونين ڪائونسل جي سطح جو هڪ ننڍرو شهر آهي. پر اتي جي آثارن، نشانين مان محسوس ٿئي ٿو ته ان هنڌ ئي اشتراڪيت /گڏيل ملڪيت /ڀائيواري سان ڪمائڻ ۽ زندگيءَ کي هلائڻ جو بنياد رکيو ويو هو.

صوفي شاهه عنايت جو تعلق مخدوم صدو لانگاهه جي خاندان سان هو. جيڪو اصل اُچ ملتان جا رهواسي هئا. ان خاندان ملتان تي اٽڪل 85 سال حڪومت ڪئي هئي. صوفي شاهه عنايت ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ملتان جي مشهور عالم شيخ شمس الدين جي سرپرستي ۾ تڏهوڪي رائج تعليم حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هو دکن ۾ شاهه عبدالمالڪ ۽ دهلي ۾ غلام شاهه کان عربي، فارسي، فقهه ۽ ان زماني جي علمن مان فيض پرايو. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ پاڻ سنڌ موٽيا، جتي هن خلق خدا جي تعليم، تربيت سان گڏوگڏ عملي طور تي ظلم، ظالم خلاف تبليغ شروع ڪري ڏني، سندس قول ۽ فعل ۾ وزن ۽ اثر هئڻ ڪري آهستي آهستي ڀرپاسي کان ڪيترائي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هن جي انقلابي دائري ۾ شامل ٿيڻ لڳا. سندس مريدن جي تعداد ۾ تيزي سان اضافي مقامي اشرافيه طبقي جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، تڏهوڪي حڪمران ٽولي کي پنهنجو وجود توڙي مال ملڪيت هٿن مان کسڻ جو خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. هاڻي شاهه عنايت هڪ عملي صوفي طور اڀري آيو هو. سندس مريدن جو انگ به وڌي ويو هو. خطي ۾ وڏي سماجي تبديلي رونمائي ٿي رهي هئي.

ان دور ۾ صوفي فڪر يا فلسفو هڪ جديد سوچ جي نمائندگي ڪري رهيو هو. پراڻو، روائتي فڪر فلسفي جي لحاظ سان شڪست کائي رهيو هو، جنهن ڪري صوفين جي ئي روپ ۾ ڪي ڌريون اقتداري ٽولي جون حامي هيون. تڏهن وحدت الوجودي صوفي ٻن ڌارائن ۾ ورهايل هئا. هڪ ڌڙو شيخ الاڪبر محي الدين ابن عربي جو پوئلڳ هو ۽ ٻيو منصور بن حلاج جي فڪر جو وارث چورائي رهيو هو. صوفي شاهه عنايت منصور بن حلاج جي فڪر کي اختيار ڪيو، تڏهن چشتي ۽ سهروردي طريقيت جون جماعتون پڻ سرگرم هيون، انهن جماعتن ۾ پڻ صوفي متحرڪ هوندا هئا. مورخن مطابق چشتي صوفي وقت جي حڪمرانن جا حامي ۽ سهروردري صوفي حڪمرانن جي خلاف سرگرم هوندا هئا. صوفي شاهه عنايت جي تعليم، تربيت، تبليغ ۽ عملي ڪردار حاڪمن ۽ ظالمن خلاف هئا. هو ڏاڍ ۽ ظلم خلاف هڪ علامت بڻجي ويو. هو هيڻن لاءِ حوصلو، جرئت ۽ آٿت ۽ اميد ٿي ويو ته وري ڏاڍن لاءِ للڪار ٿي ويو.

سنڌ بکر ۽ ٺٽي ۾ ورهايل هئي، ٻنهي پاسن جا حڪمران مغلن جي تابع هئا. اورنگزيب مغل بادشاهه ايترو ڪمزور ٿي چڪو هو جو هو بکر جي حڪومت نه هلائي سگهيو ۽ 1679ع ۾ بکر يار محمد ڪلهوڙي حوالي ڪيو ويو. اتي جي لاءِ ڪوبه مغل حڪمران نه آيو، جڏهن ته ٺٽي پرڳڻي ۾ مرزا جاني بيگ اڪبر بادشاهه کان شڪست کاڌي پر جاني بيگ جي وفاداري جي انجام اقرارن تي ٺٽي جو خطو ٻيهر جاني بيگ حوالي ڪيو ويو.

مرزا جاني بيگ جي گذارڻ کانپوءِ سندس پٽ مرزا عيسيٰ خان تخت تي ويٺو. نيٺ 1738ع ۾ ٺٽي جي حڪومت خدايار خان ڪلهوڙي جي حوالي ڪئي وئي.

1707ع ۾ مغل شهنشاهه اورنگزيب جي وفات کانپوءِ سندس پٽن وچ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ رتوڇاڻ جو سلسلو شروع ٿيو، شهزادو معظم پنهنجي ڀائرن شهزادي اعظم ۽ شهزادي ڪام بخش کي قتل ڪرائي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو. 1707ع کان 1713ع وچ ۾ ڇهن سالن جي عرصي دوران اقتدار جا ڇهه وارث شهزادا قتل ٿيا. آخرڪار فرخ پنهنجي چاچي جهانداد شاهه کي قتل ڪرڻ کانپوءِ اقتدار حاصل ڪيو.

مغل شهنشاهيت ۾ سنڌ اندر منظم زرعي نظام نه هو پر حڪمراني جو بنياد جاگيرداري هو. تڏهن زمين چئن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪڙي زمين اشرافيه، حاڪمن جي ملڪيت هئي، جنهن کي خالصا چيو پي ويو. ٻي حق ملڪيت تحت جاگيردار ۽ منصب دارن کي ورهائي ڏنل زمين هئي، اهي جاگيردار ۽ منصب دار حڪومت جي مالي ۽ جنگي مدد فراهم ڪندڙ ٽولي جا مک ۽ نمائندا هئا. ان کانپوءِ ٽئين قسم تحت، مدرسن، مڪتبن، عالمن، فاضلن توڙي سيد گهراڻن جي گذر بسر لاءِ حوالي ڪيل زمين هئي، اهو اشرافيه، حڪمرانن جو پڇ لٽڪائو ٽولو هو. ان کانسواءِ ڪي وڏا زميندار-جاگيردار هئا، جن کي حڪمرانن تحفي طور زمين ڏئي رکي هئي. جنهن تي هاري رکيل هوندا هئا. هاري زميندار وچ ۾ ورهاست جي ڪنهن شڪل نه هئڻ ڪري غريب هاري جي هٿ ۾ بٽئي وقت ڪجهه به نه ايندو هو.

ان پس منظر ۾ جڏهن صوفي شاهه عنايت ”جو کيڙي سوکائي“ جو نعرو ڏنو ته پيڙيل طبقي کي زندگيءَ جي تحفظ جو احساس ٿيو ۽ ان قتصادي پروگرام کي سمجهندي غريب هاري ناري ڪڙمي ڪاسبي هن سان گڏ اچي بيٺا. سندس ان پروگرام ۾ اهو ڄاڻايل هو ته هينئر گڏجي ڪم ڪيو، گڏ ڪمائبو ۽ پئداواري عمل گڏيل ملڪيت هوندي. اهڙي ئي قسم جو پروگرام اٽڪل ٻه سئو سال پوءِ جڳ مشهور فلسفي ڪارل مارڪس ۽ اينگلز پڻ ڏنو هو، جنهن ”سوشلزم“ جي نالي سان شهرت حاصل ڪئي. ان نسبت سان مختلف مورخ کيس دنيا جو پهريون سوشلسٽ صوفي قرار ڏين ٿا.

صوفي شاهه عنايت جي اهڙي تحريڪ کان متاثر ٿيندڙ طبقو مخالفت تي لهي آيو، روز روز نيون سازشون سٽڻ شروع ڪيون، بلڙي شاهه ڪريم جي گادي جي نمائندن، مقامي زميندارن نور محمد پليجو، حمل خان جت ۽ ٻين مغل بادشاهه فرخ سئر جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ته صوفي جي تحريڪ جنهن تيزي سان وڌي رهي آهي اهو مغل شهنشاهيت لاءِ پڻ خطرو آهي. مغل شهنشاهه فرخ سئر ٺٽي جي صوبدار اعظم خان کي صوفي جي انقلاب کي ڇٿڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جنهن کانپوءِ خطي جي چڱن چوکن حاڪمن گڏجي هن اڀرندڙ انقلاب کي روڪڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ صلاح مشورا ۽ سازشون شروع ڪيون. حڪمران طبقو هڪ ٿي ويو، جنهن ۾ صوبدار اعظم خان، بکر جو حاڪم يار محمد ڪلهوڙو، چانڊڪا، سبي ۽ ٻين ڀرپاسي جي علائقن جا حاڪم به شامل هئا.

هڪ وڏي فوج سنڌ ۾ اڀريل پهرين وڏي انقلابي تبديلي کي ختم ڪرڻ لاءِ 14 ذوالقعد 1129 هجري تي جهوڪ جو گهيرو ڪيو، صوفي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشيرن ۽ جماعتن سان مشورا شروع ڪيا. هن مريدن ۽ فقيرن کي گوريلا جنگ لاءِ تيار ڪيو. صوفي جي فڪر ۽ عمل غريب عوام ۾ ايڏو جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو جو دشمن جي فوج جا حوصلا خطا ٿي ويا، ٽن مهينن ۾ دشمن جي فوج جهوڪ ۾ داخل نه ٿي سگهي. آخرڪار حملي آورن صلح جي آڇ ڪئي. 9 جنوري 1718ع مطابق 9 صفر 1130 هجري تي اعظم خان، ميان يار محمد ڪلهوڙو جو پٽ محمد خان، مير شهداد خان ٽالپر ۽ فوجي سالار قرآن مجيد کڻي صوفي وٽ پهتا. صوفي شاهه عنايت ڳالهين لاءِ دشمن جي خيمي ۾ جيئن ئي ويو ته هن کي قيد ڪري ڇڏيائون. ٺٽي جي صوبدار اعظم خان صوفي شاهه عنايت جي سامهون ئي سندس ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ به صوفي نه جهيڪو ته درباري ملائن کان فتويٰ جاري ڪرائي تاريخ 15 صفر 1130 هجري بمطابق 8 جنوري 1718ع تي هن عظيم صوفي کي شهيد ڪيو ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.