ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان فضا علي، ساٿي اداڪار فهد مصطفيٰ جي مبينا ٻي شادي واريون خبرون اوائرل ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته افواهه ڦهلائڻ وارا ٻين بابت ڳالهائڻ کان اڳ پنهنجو گهر ڏسن.
ڪجهه ڏينهن اڳ خبرون وائرل ٿيون هيون ته فهد مصطفيٰ مبينا طور ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ هن ٻي شادي کي ڊگهي عرصي کان ڳجهو رکيو آهي.
ٻي شادي جي افواهن تي فهد مصطفيٰ ڪو ردعمل ناهي ڏنو، پر اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان فضا علي سندس شادي بابت افواهه پکيڙيندڙن کي سخت جواب ڏنو آهي.
فضا علي پنهنجي مارننگ شو ۾ فهد مصطفيٰ جي ٻي شادي بابت ڳالهائيندي چيو ته اداڪار سندس ڀائرن جيان آهن، هو گڏ ڪيئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪا آهن.
هن چيو ته فهد مصطفيٰ ٻي شادي ڪئي آهي يا نه ڪئي آهي، انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪندڙن کي پهريان پنهنجو گهر ۽ زندگي ڏسڻ گهرجي.
هن افواهه پکيڙيندڙن کي صلاح ڏني ته هو فهد مصطفيٰ جي ٻي شادي تي ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ پنهنجو گهر، بيڊ روم، پنهنجي صحت، ڪٽنب ۽ دوست ڏسن، پنهنجا معاملا سڌا ڪن.
فضا علي ماڻهن کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي صحت جو خيال رکن، وار ڪلر ڪرائن، ڏند صاف ڪن ۽ جن ماڻهن کان قرض ورتو آهي، کين واپس ڪن.
سندس چوڻ هو ته فهد مصطفيٰ ٻي شادي ڪئي آهي يا نه ڪئي آهي، پنهنجي پهرين زال کي ڇڏيو آهي يا گڏ رهن ٿا، ماڻهو ان موضوع تي ڳالهائڻ بند ڪن.
هن افواهون پکيڙيندڙن کي خبردار ڪيو ته هو فهد مصطفيٰ جي ٻي شادي بابت افواهه نه ڦهلائن ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکن، پنهنجي گهر ۽ معاملن تي ڌيان ڏين.
You might also like