پاڪستاني ٽيم منهنجي نسخي تي عمل ڪندي ته ڪڏهن نه هارائيندي: مفتي قوي

لاهور (ويب ڊيسڪ)مفتي قوي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي کان تنگ اچي ميچون کٽڻ جو دلچسپ نسخو ٻڌائي ڇڏيو.
مفتي قوي جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي رانديگرن کي اهڙو نسخو ڏيندس، جنهن ۾ ماکي ۽ سڪا ميوا شامل هوندا.
هن چيو ته منهنجي صلاح تي عمل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ٽيم ڏهه سال تائين به نٿي کٽي سگهي.
مفتي قوي جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ نج طاقت جي راند، تنهنڪري پي سي بي جو چيئرمين مون کي ٽيم جو صلاحڪار مقرر ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته رانديگرن کي ميچ واري ڏينهن صبح جو کير سان گڏ ماکي ۽ سڪن ميون جي خوراڪ ڏني وڃي، پوءِ جي هو آئوٽ ٿي وڃن ته منهنجو نالو مٽائي ڇڏجو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.