لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، بابر اعظم کي ڪجهه ڏينهن اڳ ايشيا ڪپ لاءِ يو اَي اِي موڪلڻ جو ارادو ڪيو ويو هو، پر ٽورنامينٽ انتظاميا پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ کي بورڊ تي واضح ڪيو ته جيستائين ڪو رانديگر زخمي نه ٿيندو تيستائين اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار نه ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ واپسي جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.
ياد رهي ته بابر اعظم آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ڊسمبر 2024ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏي هئي.
You might also like