حڪومت جي ڪوشش جو نتيجو نه نڪتو، مھانگائي ۾ اڃا اضافو

ملڪ ۾ روز ڪنھن نھ ڪنھن عام واھپي جي شيءَ جي قيمت ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.جنھن ڪري  سموريون مارڪيٽون بي يقيني جو شڪار ٿي ويون آھن.ڪنھن بھ شئي خريد ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ويندڙ کي خبر ئي نھ پوندي آھي تھ ان اسم جي ھن وقت قيمت ڇا آھي. جنھن ڪري غريب ماڻھو پريشاني جو شڪار رھي ٿو.حڪومت پاران منافعي خورن خلاف ڪارروائي ۽ اسمگلنگ روڪڻ وارن  اعلانن تي عمل نھ ٿيڻ ڪري ملڪ جي مختلف شهرن ۾کنڊ جي قيمت چوٽ چڙھڻ بعد اھا ھن وقت 200 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رھي آھي.

ملڪ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو رڪجڻ ۾ نه اچي رهيو آهي، ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي قيمت 205 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي،ڪوئيٽا ۾ کنڊ جو اگهه هڪ هفتي دوران 35 رپيا في ڪلو تي وڌيو آهي.پشاور ۾ به کنڊ  200 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي.چيو ٿو وڃي تھ، پي ڊي ايم حڪومت کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني هئي پر نگران حڪومت کنڊ جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جا ذخيرا موجود آهن، اگهن ۾ واڌ جو سبب ناقص گورننس ۽ بي ايماني وارو ڪاروباري عمل آهي.اھڙي دعويٰ ڪو بھ ڪري پر ان جو سمورو نقصان غريب ماڻھون سھي رھيو آھي.حقيقت ھي آھي تھ ھن وقت عام ماڻھو ٻن وقتن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ کان بھ لاچار آھي.

ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ ڀاڄين جا اگهه آسمان تي پھچي ويا آھن. هڪ ڪلو مٽر 400 رپيا ٿي ويو آھي.شهرين جو چوڻ آهي ته سرڪاري اگهه ڪٿي به دڪانن يا پڙين تي ٽنگيل نھ آھن ۽ سرڪار جي ڪا بھ پڇا ڳاڇا نھ آھي،جنھن ڪري دڪاندار پنهنجي مرضي جا اگھھ وصول ڪري رهيا آهن.

لاهور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2800  رپيا ٿي ويو آھي. اھڙي ريت ماش جي دال 600 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي. اسلام آباد جي آچر مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگي اگهه غريب عوام جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.مٿي ڄاڻايل سرڪاري يا واپارين جي ڏنل انگ اکر آھن، پر ملڪ جي ٻھراڙين وارن علائقن ۾ مھانگائي ان کان بھ وڌيڪ آھي.جنھن ڪري عوام حڪومت جي سکڻن نعرن مان بيزار ٿي ويو آھي.

ٻئي پاسي وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ لڳاپيل ادارن سان ھڪ گڏجاڻي ڪري ملڪ مان اسمگلنگ ٿيندڙ اسمن جي روڪٿام جون ھدايتون ڪيو آھن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ملڪ مان کنڊ، يوريا، زرعي جنسن، پيٽروليم مصنوعات ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ کي  روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم خاص طور تي بلوچستان ۾ ان سنگين ڪاروبار ۾ ملوث آفيسرن خلاف انٽيليجنس رپورٽ تيار ڪرڻ ۽  انهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آھي. هن لاڳاپيل کاتن ۽ آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ هفتيوار گڏجاڻين  ۽ ان بابت جوڳي حڪمت عملي جوڙڻ جي ھدايت ڪئي آھي.ڪجھھ وقت اڳ اھا رپورٽ سامھون آئي ھئي تھ بلوچستان رستي کان ايران  جو  پيٽرول اسمگل ٿي پھچي رھيو آهي.

حڪومت پاران اھڙي قسم جي کنيل قدمن جي آجيان ڪجي ٿي پر جئين تھ ويجھي ماضي ۾ پڻ اھڙي اعلان ۽ اھڙي فيصلا ٿيندا رھيا آھن،ان ھوندي بھ اصل معاملو انھن تي مڪمل طور عمل ٿيڻ آھي.اھا تھ سڌي ڳالھھ آھي تھ عمل ٿيڻ سان ان جو ڪو بھ کڙ تيل نھ نڪرندو.ھن وقت ملڪ ھڪ اھڙي معاشي بحران جي ور چڙھي ويو آھي جو ان کي ڪنھن ھڪ طرفي ڪارروائي يا حڪمت عملي سان منھن ڏيڻ نھ رڳو گھڻو ڏکيو پر نا ممڪن آھي.جنھن ڪري ھڪ ئي وقت سموري ملڪ ۾ قانون تي سختي سان عمل ڪندي منافعي خورن، ذخيرو ڪندڙن ۽ اسمگلنگ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آھي، ساڳئي وقت عام ماڻھو کي فوري طور تي رليف مھيا ڪرڻ جي گھرج آھي.ڪامورا شاھي کان ڪم ڪرائڻ ۽ ان جا بھتر نتيجا عوام کي ڏيڻ جي ضرورت آھي.واپارين جي ھٿرادو مھانگائي کي روڪڻ جي لاءِ اثرائتي ڪارروائي سان بھ ھاڪاري نتيجا نڪري سگھن ٿا.

اميد ڪجي ٿي تھ نگران سرڪار عوام جي ڏکن سورن جو احساس ڪندي ڪا اھڙي حڪمت عملي جوڙيندي جنھن جو نتيجو عام ماڻھو کي فائدو ڏيندو ، ماڻھن مٿان روز روز پوندڙ مالي بار ۾ ڪنھن حد تائين گھٽتائي ايندي.

  • بحريا  ٽائون انتظاميا ملير جي ٽن ڳوٺن جو رستو بند ڪري ڇڏيو

ملير ۾ بحريا ٽائون جي انتظاميا ۽ ان جي نجي سيڪيورٽي مقامي ماڻھن لاءِ عذاب بڻجي وئي آھي.ڇنڇر واري ڏينھن بحريا ٽائون انتظاميا  گڏاپ ٿاڻي جي پوليس اٽالن ۽ ڳري مشينري ساڻ ڪري ملير جي ڳوٺ نور محمد گبول ،سومار گبول ۽ علو ڳوٺ سميت ٽنھي ڳوٺن جو رستو بند ڪري ڇڏيو آھي.بحريا  ٽائون کوٽائي ڪرڻ  بعد ديوار لڳائي ھنن جو لنگهھ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو. جنهن سبب 500 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا ڄڻ قيدي بنجي ويا.ڳوٺاڻن موجب ڳوٺن جا لنگهھ بند ٿيڻ سبب بيمار اسپتالن،شاگرد اسڪولن ۽ ملازم ڊيوٽين تي پهچڻ کان  لاچار ٿي ويا آهن.ان کان سواءِ بھ ڳوٺاڻن کي ڪنھن ڪم سانگي ٻاھر نڪرڻو پوي ٿو.جيڪو ھاڻي ممڪن نھ رھيو آھي.

ڳچ عرصي کان ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ۾ ترقي جي نالي تي عوام سان فراڊ ڪندڙ بحريا  ٽائون انتظاميا  ملير جي ٻھراڙين ۾ غريب ماڻھن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي.جنھن ڪري انھن جو جئين جنجال ٿي ويو آھي.ھنن اختيارين کي اپيل ڪئي آھي تھ سندن بنيادي انساني حقن جي لتاڙ جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ انھن کي عام ماڻھن جيان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. علائقي واسين جو چوڻ ھو تھ بحريا  ٽائون جي انتظاميا  ۾ شامل ماڻھو ھنن جي ڪا ڳالھھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ ھوندا آھن ۽ مقامي انتظاميا پڻ ھنن سان گڏ ھوندي آھي.جنھن ڪري اسان جي ڳالھھ تي ڪو ڌيان نھ ڏنو ويندو آھي. اھڙي ڪنھن عمل خلاف احتجاج ڪريون ٿا تھ انتظاميا ان کي روڪڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي. ۽ اسان جي دانھن جو ڪو نوٽيس بھ نٿو ورتو وڃي. ھنن نگران وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي اپيل ڪئي تھ ھنن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.